سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر اڄ به دربدر آهن، ماڻهن کي پنهنجي سڀاڻي جي خبر ناهي: ساڃاهه وند

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) ۽ سنڌ ڊيولپمينٽ واچ پاران “ڇا سنڌ وري ٻڏي ويندي”؟ جي عنوان ھيٺ آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ سيمينار ٿي گذريو. سيمينار کي نورالھدي شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ صورتحال بابت سڀ گڏ ٿيا آھيون. ملڪ ۾ ھن وقت ڪنهن کي عوامي فڪر ناھي ھتي ڪنهن کي ڪنهن جي نڪاح ڏسڻي آھي ته ڪنهن کي ڪجهه ٻيو ڪرڻو آھي پر 22 ڪروڙ ماڻهن جو فڪر ناھي. اسين رڳو سنڌ جي نه پر بلوچستان ۽ ڪي پي سميت سياست جي دلچسپ گيم کيڏندڙ پنجاب جو به فڪر آھي. سندس چوڻ هو ته ھن وقت مفت ۾ ته اٽو ڏنو وڃي ٿو پر ھي زرعي ملڪ ايندڙ سال ايتري ڪڻڪ اپائي سگھي ٿو؟ گذريل ٻوڏ ۾ مڇين جا تلاءَ بچايا ويا پر ماڻهن کي مرڻ ڏنو ويو ۽ جيڪي ماڻهو بچيا اھي روڊن تي اڄ ويٺا آھن ـ انھن کي روڊن تي گاڏين چيڀاٽي ماريو ـ مردن عورتن ۽ ٻارن کي ڪراچي اماڻيو ته ھتي شور مچايو ويو ته سنڌ مان ڌاڙيل اچي ويا ۽ جڏهن اھي واپس پئي ويا ته انھن جي بس ھاء وي تي سڙي وئي. نورالھدي شاهه وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي پنهنجي سڀاڻي جي ڪا خبر ناھي اسان ملڪ کي ريئل اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آھي. ان موقعي تي آبپاشي جي چيف انجنيئر ظفر کهڙو خطاب ڪندي چيو ته 2010 واري ٻوڏ وري ساڄو پاسو ۽ ھن ڀيري ٻيھر جيڪا ٻوڏ آئي اسان انھي مان ناھي سکيو ۽ وساري ويھون ٿا ـ انھي ٻوڏ جا سائيڪلاجي اثر ذھن تي سدائين قائم رھندا آھن. سندس چوڻ هو ته 2002ع واري ٻوڏ ۾ ڇا ڪيو ۽ 2022ع ۾ ڇا ڪيو جو ھن سال ڪون ٻڏنداسين؟ ھن ڀيري اسين درياء سنڌ جي ٻوڏ سان ناھيون ٻڏا ـ اسان ساڄي پاسي جي جابلو علائقن جي ٻوڏ سان ٻڏا آھيون ـ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايل بي او ڊي جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ڏکيائون ۽ پراڻ جو پاڻي ڪڍڻ مسئلو ھو. اسين مختلف طريقن سان ٻڏون ٿا. 2022ع جي برساتن ۾ 400 سيڪڙو وڌيڪ برساتن پيون آھن سنڌ ٺھي ئي ٻوڏ مان آھي. سندس وڌيڪ چوڻ جو ته 1917 ع واري ٻوڏ جي سکر بئراج واري پروجيڪٽ رپورٽ آھي انھي بعد فلڊ ڪينال ٺھيو. سنڌو درياء اھڙي ڪا جاء ناھي جتان فلو ناھي ڪيو. انڊس ڊيلٽا جي 17 ڪريڪس مان صرف 2 ڪريڪس ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ـ درياء جڏھن اوور فلو ٿيندو ھو ته ڪريڪس مان پاڻي گذري ويندو ھو جيڪو ٻوڏ جي روڪڻ ۾ مدد ملندي ھئي. فلڊ پروٽيڪٽو بند درياھ جي ٻنھي پاسن کان آھن 1948. ۽ 56 سميت مختلف وقتن تي ٻوڏ ايندي رھي ـ 6-7 لک ڪيوسڪ پاڻي جي صورت ۾ منڇر کي ڪٽ نٿا ھڻي سگھو. پوليٽڪل تعاون نٿو ملي. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي تجويز ڏني آھي ته ماڻهن کي ٻوڏ جي صورتحال بابت آگاھ ڪريون.ھن ڀيري ورلڊ بينڪ جي تعاون سان 42 بلين پري مون سون سسٽم تي خرچ ڪري پئي. رائيٽ ڀينڪ ڪينال ۽ درياء سنڌ جو ھڪ جامع پلان جوڙڻ جي ضرورت آھي ھي ٻوڏ ايترو سيکاري وئي آھي ته اسان جو نظام ھر وقت ڪنهن نه ڪنهن پريشاني ۾ رھي ٿي. هتي ڪو به سسٽم پاڻ ۾ ملي ٿو ـڊرينيج جو نظام بلڪل مختلف آھي. انھي ڪري به مسئلا آھن. رائيٽ بينڪ ڪينال جو پاڻي درياء ۾ نٿو اچي ـ اھو منڇر ۾ اچي ٿو ـ پنجاب جو سمورو پاڻي گھمي ڦري دريائن ۾ اچي ٿو. 2022ع ۾ سنڌ ۾ پاڻي مٿانھين کان لھي ٿو ـ جنهن سبب فلڊ ڪينال متاثر ٿين ٿا.ڪلوئي واري پاسي جيڪو پراڻ جو مسئلو آھي انھي ۾ ايل بي او ڊي کي گھارو ھڻڻ تي وڏو مسئلو ھو ـ سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سڀني کان مختلف آھي. ٻوڏ تي رڳو ڳالهايون ٿا ته متان کان اھي پاڻي بند ٿا ڪن. 80 سيڪڙو ڊسٽريبيوٽري بند ڪري چڪا آھيون. انھي ڪري پراڻ کي ھلڻ ڏيون. اسين رڳو 2 ڪريڪس ۾ پاڻي ڇڏيون ٿا ـ 9 مھينا پاڻي لاء احتجاج ڪريون ٿا پر ٻوڏ ۾ دانهون ڪريون ٿاـ انھي ڪري اسان کي قدرتي لنگهه بحال ڪرڻ پوندا. سکر بئراج ـ 13 ڀيرا کان وڌيڪ 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ گذاري چڪو آھي. صدين کان شڪور ڍنڍ طرف ويندڙ لنگھ بحال ڪرڻ چاھيون ٿا. ان موقعي تي نصير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ھي بلوچستان مان ٻوڏ آئي آھي. گذريل سال 14جولاء 2022ع تي 450 اضافي برساتون پيون ته پوء اھو پاڻي سنڌ ۾ ئي اچي پيو ۽ ٻيو ته سنڍ ۾ تيز برساتون 15 آگسٽ کانپوء ٿيون. ھن ڀيري به بلوچستان جي برساتي صورتحال تي نظر رکي گذريل سال جي صورتحال مان سبق سکڻ گھرجي ـ سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي 24 ڪلاڪ اڳ چيو ويو ته ھاڻي ٽپڙ کڻي وڃو ـ حڪومت ڪو به پلاننگ نه ڪئي. ان موقعي تي موسميات کاتي جي ڊي جي سردار سرفراز نواز ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ 195 اسٽيشنز آھن. موسميات ۽ ڪلائيمينٽ چينج کي گڏي ٿا ڇڏيون. موسم جيڪا تازي صورتحال ھجي ۽ ڪلائيمينٽ جيڪا مستقل ۽ لانگ ٽرم صورتحال ھجي. گلوبل ڪلائيمنٽ رسڪ انڊيڪس ۾ 2000 کان 2019 ۾ 8 نمبر تي ھو. پر جڏهن 20 ۽ 22 جي ٻوڏ شامل ٿيندي ته پوءِ انھي جو نمبر ٽيون يا چوٿون ٿي ويندو. زھريلي گيسن جي خارج ڪندڙ ملڪن جي عذاب جو اسين شڪار ٿيون ٿا.1990 ع کانپوءِ گلوبل سي ليول وڌيو آھي. ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ 420 تي پھچي وئي آھي. هن سال گلوبلي گرمي وڌڻ جو امڪان آھي 2000 ع کانپوءِ گرمي ۾ مسلسل واڌ رھي آھي ـ پروگرام جي آخر ۾ سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ مڙني سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، ليکڪن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سانا طرفان سنڌ جي مسئلن تي وقت بوقت هن قسم جا پروگرام منعقد ڪيا ويندا. جيئن سنڌ جي مسئلن کي ڏيهي ۽ عالمي سطح تائين اجاگر ڪري سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں