سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل تي ايندڙ حڪمن تائين عملدرآمد روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل بابت عدالت عظميٰ جي 8 رڪني بئنچ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊپروسيجر بل تي عملدرآمد ايندڙ حڪم تائين روڪيو ويو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صدر بل تي صحيحون ڪري يا نه ڪري، ٻنهي صورتن ۾ بل تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي عدليا جي معاملن ۾ مداخلت ۽ عدليا جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي عدالت عظميٰ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي پاڻمرادي نوٽيس بابت پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد بئنچ ۾ شامل آهن. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف 4 درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل امتياز صديقي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ ريفرنس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هو، سينيئر ترين جج ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري رهيا هئا، سپريم ڪورٽ ريفرنس کان اڳ ڪارروائي غير آئيني قرار ڏني، موجوده ڪيس ۾ بل جي منظوري کان اڳ جي مرحلن جو به جائزو وٺڻ گهرجي ها. جسٽس منيب اختر چيو توهان موجوده ڪيس ۾ عدالت کان ڇا ٿا چاهيو؟ وڪيل اپيل ڪئي ته بل غير آئيني قرار ڏنو وڃي، چيف جسٽس چيو اسان کي جائزو وٺڻو آهي ته ان معاملي ۾ آئيني ڀڃڪڙي ته نه ٿي. سپريم ڪورٽ درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت عظميٰ پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار ۽ اٽارني جنرل کي قانوني مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪيا. سپريم ڪورٽ صدر کي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي، وزيراعظم کي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي ۽ قانون واري وزارت ۽ فيڊريشن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں