ڄامشورو (پ ر) شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ پهرين اڪيڊمڪ ڪائونسل جي گڏجاڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ سال 24-2023 جي داخلا پاليسي، امتحان ۽ لائبريريءَ جا ضابطا منظور ڪيا ويا. گڏجاڻيءَ دوران ساليانو اڪيڊمڪ ڪئلنڊر، هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي هدايت تي بيچلرز پروگرام لاءِ هيومن رائٽس اينڊ پيس ايجوڪيشن جو مضمون شامل ڪرڻ ۽ اڪيڊمڪ پوشاڪ جي منظوري ڏني وئي. سمورن اٺن شعبن لاءِ مشن جو بيان، پهرين سال جي هلندڙ نصاب، 2023 کان پهرين سال جي نئين نصاب ۽ مختلف سالن لاءِ هلندڙ نصاب جي منظوري به ڏني وئي. گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري محمد مريد راهمون، مختلف مضمونن جي ماهرن سليمه هاشمي، قيضرِ ڪولبو والا، غلام حيدر دائودپوٽو، سمورن چيئرمينن ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
