شهيد دولهه درياهه خان جي بيٺڪ ۽ سنڌ جو ماضي !

غلام حسين لغاري
حيدرآباد کان مانجهند ويندي خاڻوٺ ۽ مانجهند جي وچ تي ريلوي اسٽيشن گوپانگ سان لڳ هڪ تاريخي ماڳ موجود آهي، جيڪو سمن جي دور حڪومت ۾ ڄام نظام الدين جي سپه سالار ۽ وزيراعظم دولهه دريا خان جي بيٺڪ هوندي هئي، جيڪا هن وقت به اصل حالت ۾ موجود آهي پر نوجوان نسل کان اوجهل آهي.سنڌ جو هي سورمو ٽلٽي ۽ باغبان پرڳڻن ڏانهن ويندي هتي آرام ڪندو هو جتي تر جا ماڻهون ساڻس ملاقات ڪرڻ ۽ مسئلا کڻي ايندا هئا.هي بيٺڪ ٺٽي کانپوء سندس وڏي بيٺڪ هوندي هئي جتي رات هجي يا ڏينهن تتي هجي ٿڌي ايندي ويندي آرام ڪندو هو.
هن ماڳ ڏسڻ جو موقعو سنڌ زراعت دوست محترم ذوالفقار علي جاگيراڻي جي وسيلي شاهه مانجهند لڳ اويس قرني کان واپسي تي نصيب ٿيو جيڪو سنڌ جي ماڳن تي تحقيق ڪرڻ ۽ اتي پهچڻ جي حوالي سان سرگرم رهندڙ هڪ جاکوڙي انسان آهي. هي ماڳ سنڌ جي ثقافت کاتي جي بي حسي جو شڪار ۽ لاوارث ڏسڻ ۾ آيو جيڪو گوپانگ ريلوي اسٽيشن لڳ انڊس هاء وي کان ڪجهه ميٽر پري واقع آهي. ڪجهه ميٽر رستو ٺهيل به ناهي جو سياح اتي پهچي سگهن. هن ماڳ تي به ڪو سرڪاري چوڪيدار يا ملازم مقرر ناهي جيڪو سياحن کي هن ماڳ بابت ڄاڻ ڏئي سگهي.هن ماڳ ڀرسان جيڪڏهن ڪا ريسٽورينٽ قائم ٿئي ته نه صرف ثقافت کاتي کي به آمدني ٿيندي پر سياح توڙي گذرندڙ مسافر سنڌ جي اوائلي دور کان به آگاهه ٿي سگهندا.دولهه دريا خان جي مزار مڪلي تي آهي.ڪجهه سال اڳ ثقافت کاتي هن ماڳ جي مرمت ته ڪرائي هئي پر سياحن لاء ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت ميسر ناهي.هن بيٺڪ کي نو ٿنڀ آهن، جيڪي چار چار فوٽ ويڪرا آهن ۽ اوائلي دور جي ڇت پيل آهي. بيٺڪ هوادار ۽ ٿڌي آهي ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ درياه سال جا ٻارنهن مهينا ڀرسان وهندو هو.هن بيٺڪ ۾ لڳ ڀڳ هڪ ئي وقت سئو ٻه ماڻهو ويهي آرام ڪري سگهن ٿا.
شهيد دولهه دريا خان بابت ڪجهه محقق ۽ تاريخدان ٻڌائين ٿا ته سندس اصل نالو مبارڪ خان قبوليو هو جيڪو هڪ يتيم ٻار هو. دولهه دريا خان سيوهڻ ۽ ٽلٽي جي وچ ۾ ڳاهن جي پرڳڻي ۾ پئدا ٿيو هو ۽ جڏهن ڄام فيروز خان کان ڪاوڙجي نڪتو هو ته پنهنجي اباڻي علائقي ڳاهن ۾ ئي وريو هو. تاريخ جا ورق ڏسين ٿا ته هڪ ڀيري ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو پنهنجي هڪ وزير لکمير خان وٽ آيو جتي دولهه دريا خان انجو ملازم هو، جنهن ڄام نندو خان کي پاڻي ۾ ڪجهه ڪک وجهي ڏنا.ڄام نظام الدين پاران وضاحت گهرڻ تي ان ٻار دولهه دريا خان چيو ته بادشاه سلامت اوهان سفر جي ٿڪاوٽ ۾ هئا پاڻي تڪڙو پيئڻ ڪري صحت متاثر ٿئي پئي سگهي تنهنڪري ڪک مليل پاڻي ڏنم.ٻار جي هن ذهانت تي ڄام نظام الدين کيس سپاهي طور لشڪر ۾ ڀرتي ڪيو بعد ۾ انجي بهادري ۽ جرئت کي ڏسندي پنهنجي لشڪر جو سپهه سالار ۽ انوقت جي آزاد سنڌ جو وزيراعظم ڪيو. آزاد سنڌ ۾ هاڻوڪي بلوچستان وارو سبي وارو علائقو ۽ ٻيا حصا به شامل هئا ۽ سنڌ هر لحاظ کان خوشحال هئي. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو هن بادشاهه جي دور ۾ ڪپڙي جي صنعت جو عروج رهيو، سنڌ جا بندرگاهه اثرائتا معاشي طور مضبوڀ رهيا جنهنڪري ٻيڙن وسيلي ڏيهه پرڏيهه واپار ٿيندو هو.
سنڌ کي معاشي طور خوشحال ڏسندي ڌاريا سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي نيت ڪرڻ لڳا.جڏهن ارغونن سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاء مختلف ڪاهون ڪيون ته شهيد دولهه دريا خان فوج جي سپهه سالار هجڻ ڪري پنهنجي جرئت بهادري سبب ارغونن کي ٽوٽا چٻايا جنهنڪري ارغونن کي سخت مزاحمت سان منهن ڏيڻو پيو.شاهه بيگ ارغون جي فوج جي سپهه الار شاهه حسن ارغون جڏهن بلوچستان رستي بولان لڪ وٽان سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته شهيد دولهه دريا خان جي لشڪر سندس اڳواڻي ۾ شاهه حسن ارغون جي رستا روڪ ڪئي کيس واپس افغانستان طرف ڀڄائي ڪڍيو، جنهن بعد سالن تائين ارغونن کي ٻيهر سنڌ تي حملي ڪرڻ جي جرئت نه ٿي.هن ڪاهه کان اڳ شاهه بيگ ارغون پنهنجي ڀاء شاهه محمود سلطان ارغون کي به سنڌ مٿان حمله ڪرايا جنهن کي به شڪست ملي هئي، جنهن بعد ئي شاهه حسن ارغون کي سنڌ تي حملي لاء موڪليو ويو هو.
ڄام نظام الدين کي شروع ۾ جيئن ته پٽ جو اولاد نه هو تنهنڪري دولهه دريا خان کي پٽ ڪري سڏيو هو.جڏهن کيس پنهنجو پٽ فيرروز خان پئدا ٿيو ته ڪجهه وڏو ٿيو ته انجو مددگار ۽ تربيتگار به دولهه دريا خان رهيو.ڄام نظام الدين جي وفات بعد انجي پڳدار پٽ ڄام فيروز سنڌ جون واڳون سنڀاليو جنهن جو به دولهه درياه خان فوج جو سپهه سالار رهيو پر ڄام فيروز خان پنهنجي والد ڄام نظام الدين جو نافرمان پٽ نڪتو جنهن جي دور ۾ عياشين شراب ناچ گانن کي هٿي ملي ۽ ارغونن کي حڪومتي عهدن تي رکيو ويو، جنهن ۾ سنڌ دشمن مرزا قاسم غيبت به شامل هو.ڄام فيروز خان عياشين خاطر ارغونن کي هڪ واڙو به ٺهرائي ڏنو هو جتي نوجوان عياشيون ڪندا هئا جنهن سان سنڌ ڪمزور ٿيڻ لڳي.اهو هن وقت به مغل واڙي سان سڏبو آهي جيڪو ٺٽي ۾ موجود آهي.
ڄام فيروز جي ڪمزوري محسوس ڪندي مرزا قاسم غيبت شاهه بيگ ارغون کي جنگ ڪرڻ جو نياپو موڪليو ته جنگ لاء حالات سازگار آهن جو دولهه دريا خان به ڄام فيروز کان ناراض ٿي هليو ويو آهي ۽ ڄام فيروز به عياشين ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي.اهڙو نياپو ملڻ تي شاهه بيگ ارغون 1520 ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ علائقا فتح ڪندو آيو.ڄام فيروز ناڪامي کي محسوس ڪندي دولهه دريا خان کي واپس ورڻ جو چيو اهڙي ريت ٽلٽي پرڳڻي جي بزرگ حضرت مخدوم بلاول رح به دولهه دريا خان کي جنگ ڪرڻ لاء وڃڻ جو چيو جنهن سمانگر سموئي جي ميدان تي شاهه بيگ ارغون جي لشڪر سان جنگ جوٽي پر ڄام فيروز جي اندران ٿيندڙ محلاتي سازشن سبب ارغونن هي جنگ کٽي سنڌ جي گادي ٺٽي تي پنهنجو قبضو ڄمايو. هن جنگ ۾ شهيد دولهه دريا خان سازش تحت ارغونن سان ويڙهه ڪندي شهيد ٿيو ۽ سنڌ ۾ سمن جي دور جو خاتمو ٿيو هو.جنگ هارائڻ تي ڄام فيروز شاهه بيگ ارغون کان جان جي بخشش گهري ۽ آزاد سنڌ جو خاتمو ٿيو.ارغونن جي اهڙي عمل خلاف ۽ سنڌ جي آزادي لاء حضرت مخدوم بلاول رح شاهه بيگ ارغون خلاف سنڌ جي ڪاڇي ۾ بغاوت جو علم بلند ڪيو جنهن جي اڳواڻي شهيد دولهه دريا خان جي فرزند موٽڻ خان ۽ سندس ساٿين ڪئي.
شهيد دولهه دريا خان جي هڪ خصوصيت هئي جو هو پنهنجي لشڪر جي جنگي گهوڙن جي بهتر پالنا ڪندو هو ۽ جڏهن به گهوڙن جي طنبيلي ۾ ويندو هو ته هر هڪ گهوڙي جي پٺي ٺپيندو هو ۽ کين چوندو ته اهو ڪڏهن وقت ايندو جو اوهان تي سوار ٿي ارغون دشمن کي ٽوٽا چٻائيندس.ارغونن سان ويڙهاند ڪندڙ هن شهيد سورمي دولهه دريا خان جي ڇڏيل تاريخي هنڌن مانجهند واري بيٺڪ مزار ۽ ٻين هنڌن کي قومي ورثي جيان حفاظت ڪرڻ سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جو قانوني آئيني اخلاقي فرض آهي.خانوٺ لڳ گوپانگ اسٽيشن وٽ قائم يادگار بيٺڪ کي محفوظ بنائڻ گهرجي.سنڌ جا ساڃاه وندا اديب ليکڪ محقق هن ماڳ تي وڃن ڪانفرنسون ڪن ۽ نئين نسل کي آگاهي ڏين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں