علامه آءِ آءِ قاضي جون سنڌي ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن:مخدوم سعيد الزمان

ڄامشورو (پ ر) سنڌ جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ ڏاهي، فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضي جي 55 هين ورسيءَ جي مناسبت سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته علامه آءِ. آءِ، قاضي جون سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام وڏيون خدمتون آهن جن کي سنڌي ادبي بورڊ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ علامه آءِ. آءِ، قاضي جا مختلف ڪتاب ڇپائي چڪو آهي جن ۾ شاهه جو رسالو، صوفي لاڪوفي، ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾ ، سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل خطن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ساهڙ جا سينگار جيڪو خود سائين جي ايم سيد سهيڙيو هو، Adventure of brown girl in her search of God، Epistles of Devine Wisdom جنهن ۾ هي ٻه ڪتاب انگلش جا پڻ ڇپرائي چڪو آهي. جن کي پڙهندڙن طرفان تمام سٺي موٽ ملي آهي جڏهن ته علامه آءِ. آءِ قاضي جو Casual Peeps at Sophia ٻه جلد ٻيون ۽ ٽيون فائينل مرحلي ۾ آهي جنهن کي جلد پڌرو ڪيو ويندو. سندس اڻ ڇپيل مواد جيڪو بورڊ ۾ موجود آهي ان جي ڇپائي لاءِ پڻ جلد اڳڀرائي ڪئي ويندي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌ جي عوام مٿان وڏو احسان آهي جنهن ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي تي تعليم جو شهر قائم ڪيو ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ سڀ کان اول تعليم، مذهب ۽ فلسفي کي اوليت جي بنياد تي ترقي ڏياري. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته علامه صاحب جي وقت کان اڳ وفات سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سماج لاءِ وڏو نقصان ثابت ٿيو هاڻ ضرورت آهي ته ان جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بنا ڪنهن تفريق جي اڳتي وڌايون. ٻئي طرف سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جي هدايتن تي سنڌي ادبي بورڊ جو وفد بورڊ جي سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا جي قيادت ۾ سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي جتي مرحوم جي مغفرت لاء دعا گهري .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں