قمبر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جون پگهارون جاري نہ ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

قمبر (ڊ ر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جون پگهارون جاري نہ ٿيڻ ۽ ٽريزري عملدارن جي ناانصافين خلاف سوين استادن قمبر لاڙڪاڻہ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ معطل رهي  ان حوالي سان آئي بي اي پاس استاد اڳواڻن ممتاز علي وڌو،عبدالمجيد سومرو،اياز جمال چانڊيو،ممتاز گوپانگ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسلسل ڏهن مهينن کان آءِ بي اي پاس 915 استادن جو پگهارون بند پيل آهن جڏهن ته پگهار جاري ڪرائڻ لاءِ گهربل سمورا دستاويز ٽريزري عملدارن حوالي ڪيا ويا آهن پر ڳري رشوت نه ڏيڻ سبب استادن جو پگهارون جاري نه پيون ڪيو وڃن جنهن سبب استادن فاقي ڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن هنن وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته قمبر ضلعي جي ٽريزري آفيس ۾ موجود ڪرپٽ ڪامورن کي برطرف ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪري جلد کان جلد استادن جو پگهارون جاري ڪيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں