ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) قبائلي جھيڙن دوران قتل ٿيل آئي بي اي سکر جي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ آئي بي اي سکر ميرپورخاص ڪئمپس جي استادن ، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ۽ بينر کڻي اسٽيٽ لائيف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي پرنسپال ڊاڪٽر عاصم، ليڪچرار انتخاب پنھور ، شاگردن محمد سفيان، انوشا،مير مصطفي گل، عيرج ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل انسانيت۽ شعور جو قتل ھو جيڪو شخص فرانس مان اعلي تعليم حاصل ڪري پنھنجي ديس واسين کي تعليم ڏيڻ لاءِ واپس آيو ان کي قبائلي جھيڙي ۾ شھيد ڪيو ويو سندس قتل سان اسان سنڌ واسي تعليم جي حوالي سان ھڪ صدي پوئتي ھليا ويا آھيون ھنن وڌيڪ چيو پيپلزپارٽي پارٽي حڪومت جنھن سنڌ ۾ اپر سنڌ جي 09 ضلعن کي جاگير دارن ۽ سردارن حوالي ڪري ڇڏيو آھي اھو ئي سبب آهي اعلي تعليم يافتہ شخص ڊاڪٽر اجمل ساوند کي بي درديءَ سان شهيد ڪيو ويو آهي اسان سمجهون ٿا ھن جاگيرداراڻا نظام م ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پن ڀاڱي ڀائيوار آهي ھنن چيو ته اجمل ساوند جو قتل سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ وڏو الميو آهي اجمل ساوند جھيڙا ماڻھو صدين ۾ ھڪ ڀيرو پئدا ٿين ٿا جن جي سوچ جو محور پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن جي تعليم ھوندي آھي ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪندي چيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سندس قتل ۾ ملوث ماڻھن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سنڌ جي اپر سنڌ ۾ جاگيرداراڻا نظام جو پڻ خاتمو آندو وڃي
