نوابشاهه(ڊ ر) گذريل رات سانگھڙ جي علائقي منگلي ٿاڻي جي حد ۾ زميندار پاران ھارين کي حصي جي ڪڻڪ نه ڏيڻ ۽ ھارين جي گھرن کي باھيون ڏئي ساڙڻ واري عمل خلاف سماجي تنظيم ھاري ويلفيئر ايسوسي ايشن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران اڪرم خاصخيلي، شھزاد خاصخيلي، ياسين علي، آصف البشر، معشوق علي، علي گل زرداري، اسد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل رات سانگھڙ ۾ زميندار رسول بخش گدارو ڪڻڪ نه ڏيڻ جي مسئلي تان ٽن ھارين ھوت شيخ، نائب شي ۽ راڻو شيخ جي گھرن کي باھيون ڏئي ساڙڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته زميندار پاران ڪڻڪ جو سمورو فصل کڻي وڃڻ تي ھارين پاران منگلي ٿاڻي تي زميندار خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ھئي جنھن تان زميندار مڇرجي غريب ھارين جي گھرن تي باھيون ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ گھرن ۾ پيل سمورو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آھي ۽ اھو ھڪ جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل آهي، ھنن چيو ته ايف آئي آر داخل ھئڻ جي باجود حد جي ٿاڻي جي پوليس زميندار رسول بخش گدارو کي گرفتار نٿي ڪري ۽ ھو آزاد گھمي رھيو آھي جنھن مان ھارين جي جان کي خطرو آھي، ھنن چيو ته ھارين کي بٽائي جو حصو ڏنو وڃي ۽ ھارين جو حساب ڪتاب صاف شفاف رکيو وڃي ته جئين غريب ھارين سان انصاف ٿي سگھي، ھنن مطالبو ڪيو ته زميندار خلاف سنڌ ٽينينسي ايڪٽ ڪيس داخل ڪري ان کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ غريب ھارين سان انصاف ڪيو وڃي.
