نوشهرو فيروز ۾ گرلس ڊگري ڪاليج جي استادن جو پرنسپال خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز گرلس ڊگري ڪاليج جي ميل ۽ فيميل ٽيچرس پاران ڪاليج جي پرنسپال جي اڍنگي رويي توڙي ٻين مطالبن جي مڃتا لاء ڪاليج جي گيٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي ميڊم رابعا شيخ , ميڊم شازيا قاضي , پروفيسر عبدالغفار ڪيريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي استادن چيو ته گذريل ڏهن سالن کان گرلس ڊگري ڪاليج جي پرنسپال امبرينا جان ڪانجو اسان سان اڍنگو رويو اختيار ڪري رهي آهي جيڪا بنا ڪنهن جواز جي اسان کي مختلف طريقن سان تنگ پئي ڪري اسان جي پگهارن مان ناجائز ڪٽوتيون ڪرائي اسان کي پريشان ڪري رهي آهي هنن چيو ته گذريل ڏهن سالن کان جيئن ئي هن پرنسپال چارج ورتي آهي ايندڙ سالياني بجيٽ جو غلط استعمال ڪري پئي ڪاليج کي پنهنجي ذاتي جاگير بڻائي ويٺي آهي اسٽاف توڙي شاگردياڻي کي ڪابه سهولت ڏيڻ لاء تيار ناهي پاڻي , لائيٽ , واشروم سميت سڀ سهولتون اڻلڀ آهن هنن مطالبو ڪيو ته تعليم ۽ استاد دشمن پرنسپال کي هٽائي ايماندار پرنسپال مقرر ڪري استادن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج کي وسيع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں