پرڀو لال ستياڻي نيشنل ڪميشن فار چائلڊ رائيٽس جو ميمبر مقرر

ڪراچي(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ٻارن، اقليتن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مٺي واسي سماجي اڳواڻ پرڀو لال ستياڻي مالهي کي وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم پاڪستان پاران نيشنل ڪميشن فار چائلڊ رائيٽس جو ميمبر مقرر ڪيو آهي پرڀوءَ ستياڻي آمريڪا مان قانون ۽ انساني حقن جو ڪورس ڪيو ۽ اقوام متحده انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس جنيوا ۾ اقليتن ۽ ٻارن جي حقن بابت سکيا ورتي آهي. 20 سالن جو تجربو رکندڙ هن سنڌ يونيورسٽي مان فلاسافي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ گڏوگڏ قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن (اين جي اوز) ۾ ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو حاصل ڪيو. هن سينيئر عهدن تي به ڪم ڪيو آهي جهڙوڪ پروگرام هيڊ نيشنل ڪميشن آف چائلڊ رائيٽس ، ريجنل هيڊ ايس پي او سنڌ، ريجنل ايڪسپورٽ آئي ڊي ايس اين، سينيئر ڪوآرڊينيٽر سيو دي چلڊرين ۽ ٿرديپ لاءِ ريسرچ ۽ ايڊووڪيسي اسپيشلسٽ ۾ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪيو. هن وقت سنڌ صوبي ۾ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي ۾ سينيئر مئنيجر پروٽيڪشن طور تي ٻارن ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں