ڄامشورو(ڊ ر)سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي 55هين ورسي ملهائي وئي، وائيس چانسلر سوڌو اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن جي مزار تي حاضري، گلن جون چادرون چاڙهيون ويون: نامور ليکڪ مدد علي سنڌيءَ جي لکيل ڪتاب “علامه آءِ آءِ قاضي: شخصيت ۽ حياتيءَ جو احوال” جو مهورت به ڪيو ويو: علامه قاضي شاهه جي رسالي جو عڪس هو، هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون، باني وي سي طبيعت ۾ سادو پر نظم ۽ ضبط جو قائل هو، نوجوانن کي هفتيوار ليڪچر پڻ ڏيندو هو: وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اظهر شاهه، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ ٻين جو تقريب کي خطاب، ليکڪ کي شاندار ڪتاب لکڻ تي سنڌ يونيورسٽي مان اعزازي پي ايڇ ڊي ڊگري ڏيڻ ۽علامه آءِ آءِ قاضي چيئرمين کي سرگرم ڪرڻ جو مطالبو
