ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي دهشتگردي خلاف ايس يو پي جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: گل محمد کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ قبائلي دھشتگردي ۾ قتل ٿيل آءِ بي اي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اجمل ساوند جي قتل واري واقعي، جوابدارن جي گرفتاري ۽ قبائيلي جھيڙن خلاف ايس يو پي اڳواڻن ۽ سوين ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جھنڊا، بينر پلي ڪارڊ کڻي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، ظريت بجاراڻي،دلمراد ڏاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھنٽاگھر کان ايس ايس پي آفيس تائين سخت نعري بازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.ايس يو پي جي احتجاجي ڌرڻي ۾ ئختلف سياسي سماجي تنظيمن ايس ٽي پي جي اڪرم باجڪاڻي،جسقم جساف جي والي ڏنو سنڌي، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، دلمدرا ڏاهاڻي،ظريت بجاراڻي ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قاتلن جي گرفتاري، جھيڙن جي خاتمي لاءِ سخت نعري بازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اجمل واقعي کي 10 ڏينهن گذري ويا پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي.پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ تي سنڌ ۾ وڌيڪ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي.هي تحريڪ هاڻ نه کٽڻي ۽ نه ختم ٿيڻ جهڙي آهي جيستائين اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿا ٿين ۽ هتان جاگيرادري ۽ سرداري وارو سسٽم ختم نه ٿو ٿئي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته اجمل ساوند جو وهندڙ رت سنڌ اندر هڪ نئين روح ڦوڪي آهي جنهن زنجيرن ۾ جڪڙيل عوام کي سرداري نظام خلاف ڳالهائڻ جي جرئت ڏني آهي.جي اگر ڪنڌڪوٽ پوليس قاتل گرفتار نه ڪيا ته ايندڙ احتجاج جو رد عمل ڪجهه ٻيو هوندو.هنن چيو ته اسان جو هي احتجاجي ڌرڻو ايستائين جاري رهندو جيستائين اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيندا هنن چيو ته ڀل اسان کي عيد هتي ڪرڻي پئي به روڊ تي ڪنداسين . 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں