اسان سڀني کي پنهنجي انا ڇڏي ملڪ جي ڀلائي لاءِ سوچڻ گهرجي:ناصر حسين شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ فيصلا من پسند ماڻهن جي خواهشن تي ٿيندا ته سوال اٿندا، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه روهڙي ۾ ڪيٽل ڪالوني جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن، وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي انا ڇڏي ملڪ جي ڀلائي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ادارن جي تقدس جو به خيال رکڻ گهرجي، عوام کي انصاف ملي، عدالتي نظام تي هن چيو ته 3 رڪني بينچ جي فيصلي تي سڀني کي اعتراض آهي، ان ڪري لارجر بينچ ٺاهڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي، آئين موجب پارليامينٽ سپريم آهي ۽ سپريم ڪورٽ ئي ٺاهيندي. صحيح فيصلا ڪن ته بهتر ٿيندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي انتقامي سياست تي يقين نٿي رکي، اسان جي 80 هزار ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ اسان جي اڳواڻن کي جيلن ۾ رکيو ويو، هن چيو ته جيل ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ سان بدتميزي نه ڪئي پئي وڃي. علي زيدي کان پڇيو ته علي امين گنڊاپور به اسان جو مهمان آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم شروع کان ئي ڳالهين جي ڳالهه ڪئي، اهو لاڏلو هو جيڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري هاڻي پي ڊي ايم ڳالهين ۾ شامل ڪجهه پارٽيون ان تي اعتراض ڪري رهيون آهن. ۽ مشروط ڳالهين جي مخالفت ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته باجوه ادارن جي دٻاءُ باوجود عمران خان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، اتحادي پارٽين عمران خان جو ساٿ ڏنو، عمران خان ٻڌايو ته سندس دور ۾ ڊالرن جي برسات ڪهڙي هئي. سندس حڪومت جو قرض ڪٿي آهي، ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت اهڙو قرض نه ورتو، هن چيو ته روهڙي ۾ ڪيتل ڪالوني جو قيام شهر جي لاءِ اهم آهي، شهر ۾ ميهن جي واڙن سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن. هي ڪيتل ڪالوني 40 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تيار ڪئي ويندي ، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر نعمان اسلام شيخ ۽ ٻيون سياسي سماجي شخصيتون پڻ موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں