اوٻاوڙو(ن س) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ جھنگل سولنگي ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو نتيجي ۾ ڪهاڙيون لڳن سبب هڪ ڌر جي عورتن مائي جيجل کي مٿي ۾ ڪهاڙي لڳڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي متاثر ڌر جي مرد ٻارن عورتن سميت انصاف ۽ تحفظ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو احتجاجي مظاهرو ڪندي رياض سولنگي، مقبول سولنگي، ڀيراوان سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي وڏن کان وٺي قبولي زرعي زمين آهي جنهن جي سارسڀنار راهڪي پوکي اسين ڪندا ايندا آهيون گذريل ڏينهن اسين جڏهن زمين ۾ هل لاءِ ٽريڪٽر هلايو ته اسان جي برادري جا بااثر اشرف ڪوٺوال، رشيد، اصغر، اياز، صاحب جهانگير، قربان، سونو گڏ ٿي لٺين ۽ ڪهاڙين سان اسان مٿان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي عورت مائي جيجل کي جوابدر اشرف ڪوٺوال مٿي ۾ ڪهاڙي هنئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسين سکر جي اسپتال علاج لاءِ کڻي ويا سين ته پويان اسان جي مخالف ڌر ڪوڙو ڊرامو ڪري اسان خلاف اين سي داخل ڪرائي احتجاج پڻ ڪيو ۽ چيو ته انهن ڪينسر جي مريض عورت کي هٿرادو زخمي ڪري اسان خلاف ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن جيڪو ڪوڙ ۽ بي بنياد خبر آهي اسين جي ڪينسر جي مريض عورت گهر ۾ موجود آهي جڏهن ته جهيڙي دوران اسان جي مائي جيجل کي مٿي ۾ ڪهاڙي جو ڌڪ لڳو آهي جنهن لاءِ ڊاڪٽر چئي رهيا آهن ته ڪهاڙي لڳڻ سبب ان جي دماغ جي رڳ ڪپجي وئي آهي انهن وڌيڪ اعلي حڪام وزير اعلي سنڌ، چيف جسٽس سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي،
