ايران ـ اسرائيل ڇڪتاڻ ۽ خطي جي صورتحال

مُحمد يُوسف ڀُٽو
دنيا ۾ ڪافي وقت کان جيڪي ٻرندڙ تڪرار رھيا آھن، انھن ۾ ھڪ تڪرار ايران ـ اسرائيل وارو بہ آھي، جنھن سان پوري وچ اوڀر واري خطي تي اثر پون ٿا. ايران دنيا جي نھايت قديم تھذيبن مان ھڪ آھي ۽ ھڪ وسيع پکيڙ رکندڙ تاريخي ملڪ آھي. جنھن جي جاگرافيائي بيھڪ ڏاڍي اھم آھي. ايران اولھ ايشيا ۾ آھي ۽ وچ اوڀر ريجن جو حصو آھي. ايران جي اوڀر ۾ پاڪستان ۽ افغانستان، اتر ۾ ترڪمانستان، ڪيسپيئن سِي، آذربائيجان، آرمينيا ۽ اولھ ۾ عراق ۽ ترڪي واقع آھن. عالمي انسائيڪلو پيڊيا (اردو ۾) سھيڙيندڙ ياسر جواد صفحي 301 تي ايران بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي جنھن مان اختصار سان ورتل ڪجھ سٽن موجب ”ھي خطو شيعہ مسلمانن جو مرڪز آھي، ڇھين قبل مسيح ۾ موجودہ ايران جو علائقو فارسي سلطنت جو مرڪز ھو. 1501ع کان وٺي 1979ع ۾ اسلامي انقلاب تائين بادشاھت جي حڪومت ھيٺ رھيو. مذڪورہ عالمي انسائيڪلوپيڊيا جي صفحي 302 موجب ”50ع جي ڏھاڪي ۾ شروع ٿيندڙ عوامي بيچيني 1979ع جي اسلامي انقلاب جو نتیجو بڻي. بادشاھت جي جاء ھڪ جمھوريائي طرز حڪومت ورتي جنھن جي رھنمائي شيعہ اسلام جي اصولن جي مطابق ڪئي وئي“ انقلاب اسلامي جي اڳواڻي آيت ﷲ روح ﷲ خميني رح ڪئي. انھيءَ انسائيڪلوپيڊيا موجب ”ايران جي ڪل پکيڙ 16،48،000 چؤرس ڪلوميٽر آھي ۽ 2004ع ۾ آبادي 6،90،18،924 ھئي“ پر موجودہ وقت ايران جي آبادي ساڍا 8 ڪروڙن کان وڌيڪ آھي. ايران جي گاڌي جو ھنڌ تھران آھي. ايران ڏکڻ اولھ ۾ خليجِ فارس جي ان ڪناري تي واقع آھي جيڪو دنيا جي 40 سيڪڙو تيل جي سپلائي جو رستو بہ آھي. چيو ويندو آھي تہ اگر ايران اھو رستو بند ڪري ڇڏي تہ دنيا ۾ تيل جي فراھمي رڪجي وڃي ۽ عالمي معيشت کي وڏو ڌڪ رسي. ان ڪري آمريڪي جنگي بحري ٻيڙا ھر وقت اتي بيٺل ھوندا آھن. ٻئي پاسي اھي ئي جنگي ٻيڙا ايران لاء خطرو بہ ھوندا آھن. وينزويلا، سعودي عرب ۽ ڪينيڊا بعد سڀ کان وڌيڪ تيل جا ذخيرا ايران ۾ آھن ۽ ھي ملڪ دنيا جو گئس جي ذخيرن سان مالامال ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو ملڪ آھي. ايران مڊل ايسٽ جي ٽيو نمبر وڏي فوجي قوت آھي. ايران جي دفاعي بجيٽ 24.6 بلين آمريڪي ڊالرز آھي، ايران جي Active Military جو تعداد 5 لک 75 ھزار آھي ۽ ايران جي Reserve Military جو تعداد 3 لک 50 ھزار آھي. عالمي پابندين سبب ايران کي معاشي، اقتصادي ۽ دفاعي طور تي سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ايران جو شمار انھن اسلامي ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن ڪڏھن بہ اسرائيل کي تسليم نہ ڪيو آھي. سخت معاشي پابندين کي منھن ڏيڻ باوجود ايران عراق، شام، يمن، فلسطين ۽ لبنان ۾ سياسي اثر رسوخ رکڻ سبب وچ اوڀر جي نھايت بااثر ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. تازو ھڪ ٻي حوصلا افزا پيش رفت ٿي آھي سا اھا تہ چين جي ميزباني يا ثالثي ۾ چين ۾ ئي ايران ۽ سعودي عرب ۾ ٺاھ ٿي ويو ۽ سفارتي لاڳاپا پڻ بحال ٿي ويا جنھن سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي ھڪ نئين ۽ بھتر دؤر جو آغاز ٿيڻ وڃي پيو. خير، جيئن تہ اسان جو موضوع ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ بابت آھي، سو ٻنھي ملڪن بابت ضروري ڄاڻ ڏيڻ بہ ضروري آھي تہ جيئن ڳالھ آساني سان سمجھ ۾ اچي. اسرائيل پڻ وچ اوڀر جو ھڪ ننڍڙو ملڪ آھي. اسرائيل جي پکيڙ صرف 22،145 چؤرس ڪلوميٽر آھي برطانوي منصوبہ سازن ذريعي 1948ع ڌاري فلسطين جي مقدس سرزمين تي ان جو وجود عمل ۾ آندو ويو. ھيءَ دنيا ۾ واحد نام نھاد يھودي رياست آھي. اسرائيل جي گاڌي جو ھنڌ تل ابيب آھي. اسرائيل ھڪ طرف پنھنجي سامراجي ۽ گريٽر اسرائيل جھڙن خطرناڪ ارادن تحت يروشلم کي گاڌي جو ھنڌ بڻائڻ جا نہ رڳو خواب ڏسي ٿو پر ان تي بضد بہ آھي ۽ ٻئي طرف ھزارين فلسطينين کي شھيد ڪرڻ ۽ انھن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ، انھن کي بي دخل ڪرڻ ۽ يھودي آبادڪارن لاء راھ ھموار ڪرڻ يعني توسيع پسندانہ ارادن جي ڪري اسرائيل خطي ۾ تنھائي جو شڪار رھي ٿو. عالمي انسائيڪلوپيڊيا (سھيڙيندڙ ياسر جواد) جي صفحي 146 تي فلسطينين جي ڌرتي تي قابض اسرائيل بابت ھن ريت لکيل آھي تہ ”غالب يھودي اڪثريت وارو اولھ يروشلم 1948ع کان پوء اسرائيل جو ئي حصو رھيو، اسرائيل 1967ع ۾ عرب اڪثريت وارو اوڀر يروشلم بہ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. اسرائيل تڏھن کان ئي سڄي شھر کي پنھنجو گاڌيءَ جو ھنڌ قرار ڏيندو آيو آھي پر گڏيل قومن يروشلم کي اسرائيل جو گاڌي جو ھنڌ تسليم نہ ڪيو آھي“ عام طور تي شھر يروشلم کي بہ بيت المقدس ئي چيو ويندو آھي. ھي شھر يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام ۾ نھايت مقدس شھر جي حيثيت رکي ٿو. ھي شھر دنيا جي نھايت قديم شھرن مان ھڪ آھي. واضح رھي بيت المقدس (عربي ٻولي جو لفظ) کي يھودين جي عبراني ٻولي (Hebrew language) ۾ جروشلم چيو وڃي ٿو جنھن کي يروشلم بہ چئجي ٿو. ھن مقدس شھر تي قابض اسرائيل جون پُر تشدد ڪارروايون ھن شھر جي امن کي سخت ڇيھو پھچائينديون رھيون آھن. اسرائيل جي ڪل آبادي 90 لکن جي لڳ ڀڳ ٻڌائي وڃي ٿي. جڏھن تہ انھيءَ انسائيڪلو پيڊيا ۾ وڏيڪ اڳتي اھو بہ ڄاڻايل آھي تہ ”دنيا جي ڪل يھودين جو 82 سيڪڙو اسرائيل ۾ آھي“اسرائيل جي دفاعي بجيٽ 24.3 بلين آمريڪي ڊالرز آھي. اسرائيل جي Active Military جو تعداد 1 لک 73 ھزار آھي جڏھن تہ ھن جي Reserve Military جو تعداد 4 لک 65 ھزار آھي. اسرائيل دنيا جي جديد ترين اسلحي جا ڍير پاڻ وٽ رکيو ويٺو آھي، آمريڪا ان کي اھڙو اسلحو ڏيڻ ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏي آھي. اسرائيل پنھنجو ايئر ڊفينس سسٽم آئرن ڊوم بہ ٺاھيو آھي جيڪو ھر وقت اتي ايڪٽِوِ رھي ٿو. آمريڪا ھر مرحلي تي اسرائيل جي سياسي ۽ فوجي حمايت ڪندو آھي، جنھن پويان آمريڪا ۾ موجود مضبوط يھودي لابي آھي. اسرائيل جي جارحاڻين ڪارروائين سبب ان جا پاڙيسري ملڪ ھر وقت خطري ۾ رھن ٿا. اسرئيل اسلام جي قبلہء اول بيت المقدس تي زبردستي قابض آھي. 1967ع واري عرب ـ اسرائيل جنگ بہ لڳي چڪي آھي. جنھن ۾ اسرائيل شام ملڪ جي 1200 ڪلوميٽرن کان وڏيڪ گولان جي پھاڙين تي قبضو ڪري ويو، جيڪو اڄ بہ اسرائيل وٽ آھي. اسرائيل، فلسطين، لبنان، مصر، اردن ۽ شام کان گھيريل آھي. شام ۽ لبنان جتي موجود ايراني فوج ۽ حزب ﷲ جھڙي شيعہ مزاحمتي تنظيم کي اسرائيل پاڻ لاء وڏو خطرو سمجھي ٿو. وچ اوڀر ۾ اسرائيل اھو واحد ملڪ آھي جنھن وٽ ائٽمي ھٿيار آھن. اسرائيل جو شمار انھن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن ائٽمي ھٿيار ٺاھيا پر انھن جو تجربو نہ ڪيو آھي. ھوڏانھن ايران بابت رپورٽس آھن تہ ھو ڪافي وقت کان ائٽمي ھٿيارن ٺاھڻ جون ڪوششون پيو ڪري ۽ ائٽمي طاقت واري ايران کي اسرائيل پنھنجي لاء ھڪ ڀوائتو خواب ڀانئي ٿو. اسرائيل ايران کي ائٽمي قوت طور ڏسڻ نٿو چاھي. ايران جي ائٽمي پاور بڻجڻ سان وچ اوڀر مان اسرائيل جي بالادستي يا ھڪ ھٽي ختم ٿي ويندي. ان مقصد لاء اسرائيل ايران ۾ ڪئين خفيہ ڪارروايون ڪري ان کي نقصان بہ پھچائي چڪو آھي. ايراني سائنسدانن جي پراسرار موت جون آڱريون بہ اسرائيلي خفيہ ايجنسي بدنامِ زمانہ موساد طرف کڄنديون رھيون آھن. اسرائيل جي موجودہ انتھا پسند وزير اعظم نيتن ياھو کي شروع کان ئي ايران جو دشمن خيال ڪيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ اگر اسرائيل ايران تي حملي جي ڪا حماقت ڪئي تہ ايران جو ردعمل اھڙو ھوندو جنھن جو سڄي دنيا تي اثر پوندو ڇو تہ ايران يوڪرين نہ آھي ھن سان گڏ روس بيٺل آھي. جڏھن ھن سال 2023ع جي جنوري ۾ ايران تي ڊرون حملو ٿيو ھو تہ روس ئي اھو پھريون ملڪ ھو جنھن ان حملي جي کلي مذمت ڪئي. ايران دنيا جي لٺ سردار آمريڪا ۽ پنھنجي سڀ کان وڏي دشمن اسرائيل ۽ مغربي طاقتن جي پرواھ نہ ڪندي جھڙي ريت يوڪرين جنگ ۾ روس جي مدد ڪئي اھا ڳالھ غير معمولي آھي. نتيجتن ايراني صدر ابراھيم رئيسي ھر گذرندڙ ڏينھن سان روس جي ويجھو ايندو پيو وڃي. عالمي ميڊيا تہ ايتري بہ دعويٰ ڪئي تہ روس ايران کي يورينيم ڏئي رھيو آھي جيڪو ائٽم بم ٺاھڻ ۾ مددگار آھي. خير، جنگ ۾ پروپيگنڊا بہ تيز ھلي ٿي، عالمي ميڊيا ۾ قياس آرائين جي ڀرمار بہ آھي پر يوڪرين جي جاري جنگ ۾ ايران روس جو جيڪو ساٿ ڏنو آھي ان روسي صدر پيوٽن کي ايران تي مھربان ڪري وڌو آھي ۽ صدر پيوٽن موٽ ۾ ساڳئي طرح ايران جي ضرورتن جو خيال پڻ رکيو ھوندو. رپورٽ بہ آئي ھئي تہ ايران جا پائليٽ روس ۾ سيخوئي 35 جنگي طيارن جي سکيا بہ وٺي چڪا آھن. ھن سال ايران کي روس کان SU-35 طيارن جي ڊليوري بہ ٿي ويندي. جيڪي رپورٽس اچن پيون انھن موجب شروعات ۾ ايران کي روس کان 24 سيخوئي 35 فائيٽر طيارا ملندا. توڙي جو اھو تعداد تہ گھٽ آھي پر اھڙا جھاز ايراني ايئر فورس کي غضب جي طاقت ڏيندا. ھي چوٿين پيڙھي جي اڳتي جا جھاز آھن. جن ۾ اليڪٽرونيڪلي اسڪينڊ ايريل ريڊار لڳل آھي جيڪو 400 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ٽارگيٽ کي سڃاڻي سگھي ٿو. ھنن جھازن جو روس يوڪرين ۾ استعمال بہ ڪيو آھي. ڊگھي فاصلي جي ٽارگيٽس کان علاوہ فضائي برتري ۾ ھنن جھازن جو ڪو جواب نہ آھي. روس وٽ سئو جي قريب ھي فائيٽر جيٽ آھن، ھِي جھاز يوڪرين ۾ پيوٽن جي ائير آپريشن جو سڀ کان اھم حصو يا روس جي ايئر اسٽرائيڪ مشن جو ليڊر بڻيل آھي. يوڪرين ۽ شام ۾ ھن جھاز جي ڪاميابي بعد ايران ھن ۾ وڏي دلچسپي ورتي. چيو پيو وڃي تہ چين ھنن جھاز جو وڏو گراھڪ رھيو آھي. جنھن وٽ اھڙا 24 جھاز آھن. يوڪرين جنگ ۾ روس ايتري تباھي ڪڏھن نہ مچائي ھا اگر ايران کيس پنھنجا آپگھاتي ڊرونز نہ ڏئي مدد نہ ڪري ھا!
yousifbhutto119@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں