حيدرآباد(پ ر)اين سي ايڇ ڊي منسٽري آف فيڊرل ايجو ڪيشن جي فيلڊ آفيسرن جا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان 2013کان 2018 ڏياريل ايريرز بقايات اين سي ايڇ ڊي جي مينيجمينٽ اڃا تائين نه ڏنا آھن مختلف ڊراما بهانا ڪري فيلڊ آفيسرس جا ايريرز روڪي ويٺا آھن جيڪو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو اسلام آباد هاء ڪورٽ سڳوري بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول بيسڪ جي فيلڊ آفيسرس سان گڏ فيصلو ڏئي 16 گريڊ ۾ روائيز ڪري ساڳي طرح اسانجو فيصلو ڏنو هو انهن جا پنهنجي اداري هاء ڪورٽ سڳوري جي آرڊر تي ايريرز ۽ ٻيا بينيفٽ ڏئي ڇڏيا انهن جي پگهار اسان کان وڌيڪ آھي اسڪيل ساڳو آھي پر اين سي ايڇ ڊي جا نان ڪميشنڊ نان رينڪر آفيسر پننهنجي مفاد خاطر اسانجو معاشي قتل ڪري فيلڊ آفيسرن کي مبلٽي کان ب محروم ڪريو ويٺا آھن اهڙي مهانگائي جي دور 284 روپيا ليٽر پيٽرول لڳو پيو آهي فيلڊ آفيسر پنهنجي کيسي مان ڀرائيندا آھن اين سي ايڇ ڊي جا نان ڪميشنڊ نان رينڪر آفيسر مختلف اين جي او جا پروجيڪٽ وٺي پنهنجي ڪميشن ٺاهڻ لاء فيلڊ آفيسرس کان فيلڊ ڪرائيندا آھن پاڻ فيلڊ ن ڪندا مبلٽي گاڏيون ب پاڻ استعمال ڪندا آھن هنن جي ناجائزي لاقانونيت خلاف ڪير آواز اٿاريندو انهي کي ذھني ٽارچر ڪري سوين ڪلو ميٽر پري بدلي جوخوف ڏئي خاموش ڪرائيندا آھن ڪافي فيلڊ آفيسرن هنن جي خلاف ڪورٽ غيرقانوني جبري بدلين جي خلاف ڪورٽ ڪيس داخل ڪري هنن کي هنن کي ڪوڙو ثابت ڪري شڪست ڏياري ايٽاماس باڊي اين سي ايڇ ڊي جي نان ڪميشنڊ نان رينڪر آفيسرن منسٽري کي بائي پاس ڪري پنهنجي طرفان گورنمينٽ ريگيولر فيلڊ وڏي رشوت وٺڻ لاء بدلي ڪندا هئا ڪرپٽ ماڻھن کي ايڪٽنگ چارج ڏئي هٿ جون ڏئي انهن ذريعي ڪرپشن عروج تي ڪئي. فيلڊ آفيسرن لاءِ منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن سيڪشن آفيسر 2021-12-24 تي هنن کي ليٽر به ڪڍي ايريرز ڏيڻ جو چيو پر اين سي ڊي ايڇ ايٽاماس باڊي جا نان ڪمشنڊ نان رينڪر آفيسر مختلف بهانا بنائي ايريرز ڏيڻ کان لنوائي رهيا آھن ته جئين گورنمينٽ جا ريگيولر فيلڊ آفيسر اسان جي ڪنٽرول هيٺ رهن ڪٿي منسٽري ڪنهن ٻئي ادري ۾ نه موڪلي ڇڏين هي نان ڪميشنڊ نان رينڪر آفيسر پنهنجي مفاد خاطر فيلڊ آفيسرن جو معاشي قتل ڪري رهيا آھن. 19 مئي 2017 منسٽري طرفان نڪتل ڊي جي صاحب سائن سان نڪتل روائيز گريڊ فيلڊ آفيسرن جو نوٽيفڪيشن لڪائي رکيو ڪافي ضلعن جي فيلڊ آفيسرس کي هن ليٽر جي ڄاڻ نه ڏني وئي هئي جيڪو سراسر قانوني ڏوهه آھي فيلڊ آفيسرن کي مختلف طريقي سان پريشان ڪري قانون جي لتاڙ ڪندا هئا فيلڊ آفيسرن احتجاجي مظاهري ۽ گڏجاڻي ته فيلڊ آفيسرن طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورٽ سڳوري جو حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو ويندو اسلام آباد ۾ سڄي ملڪ جي فيلڊ آفيسرن جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ وڌيڪ لاعمل جوڙيو ويندو. ميڊيا ذريعي وزير اعظم پاڪستان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ محتسب اعليٰ اسلام آباد، وفاقي وزير تعليم، وفاقي سيڪريٽري تعليم ڊائريڪٽر جنرل نوٽيس وٺي فيلڊ آفيسرن سان انصاف ڪن. فيلڊ آفيسر شفيع ملاح، شهزاد ڀٽي، قاسم مصطفيٰ سومرو، خالد چنا، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، الهداد سومرو، قمر راڄپر، عمران شيخ، طاهر سومرو، غلام حسين چانڊيو ۽ ٻيا.
