لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي سهڪار سان ڪريئيٽو آرٽس فورم آف پاڪستان طرفان ناليواري اديب، شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب “ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سوچ ۽ ويچار” جي مھورت تقريب پ پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ پريس ڪلب جي ھال ۾ ٿي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙي چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي گهڻا ماڻهو گهڻو ناپسند ڪندا هئا، پر شڪر آهي جو انهن جو مون تي ڪو اثر نه ٿيو، منهنجي ان سان دوستي اڄ به قائم آهي. هن چيو ته ٻارن جي نشونما ٽن سالن کان اٺن سالن جي عمر تائين ٿيندي آهي، ان عمر دوران ٻار ڳالهيون جلدي سکندا آهن ۽ ڊاڪٽر جي ٻاراڻي ادب لاءِ ڪيل ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو، سندس سمورا ڪتاب سماج ۾ سجاڳي پيدا ڪري رهيا آهن، ڪتابن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان لاڙڪاڻي وارن کي فخر آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي اهليت جي بنياد تي تازو صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز سان نوازيو ويو آهي، جنهن تي اسان کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال خطاب ڪندي چيو ته هر ماڻهوءَ جون پنهنجون پسنديده شخصيتون هونديون آهن، منهنجي پسنديده شخصيت نثار احمد کهڙو آهي، منهنجي خواهش آهي ته سندس مٿان ڪتاب لکان، نثار کهڙي هميشه مون کي متاثر ڪيو آهي، مان سمجهان ٿو ته نثار کهڙي جهڙي اڳواڻ جي پنهنجي پارٽيءَ ۾ علم ۽ دانش جي سطح ٻين کان مٿي آهي. هن چيو ته مون کي ڪيترن ئي وڏن اديبن ۽ ادارن چيو ته اسان تي ڪتاب لکو، پر مان ٻانهون ٻڌي انهن کي انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته مان پئسن لاءِ ڪڏهن به ناهي لکيو، جڏهن نثار کهڙي تي به پئسن لاءِ نه لکندس. ناليواري تعليمدان، ليکڪ ۽ شاعر پروفيسر مختيار سمون چيو ته ڊاڪٽر ذوالفاار سيال پوري زندگيءَ کي ڪارج ڀريو گذاريو آهي، سندس ٻارڻي ادب جو تعداد گهڻو آهي، سڄي دنيا اندر ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار سماج جو بنياد هوندا آهن. ناليواري شاعر آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال خوشنصيب شاعر ۽ ليکڪ آهي، جنهن تي سينيئر اديبن توڙي همعصر ۽ نوجوانن به لکيو آهي، کيس اهو به وڏو اعزاز حاصل آهي جو مهدي حسن کان وٺي احمد مغل تائين ملڪ جي تقريبن سمورن بهترين راڳين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ڪلام ڳايا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سرڪاري نوڪري جي عرصي دوران اهم عهدن تي رهيو، هو تمام گهڻو محبتي ماڻهو آهي، سندس ادبي ۽ تحقيقي پورهيو تمام وڏو ۽ شاندار آهي. تقريب کي شاعر ۽ اديب ڄام جمالي، اديب عبدالحئي ڀٽو، ليکڪ ۽ محقق جيئل اوڏ، شاعر ۽ اديب غلام محمد غازي، شاعر منظور منگي، هيڊ مسٽريس ۽ شاعره ياسمين بروهي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ تقريب جي شروعات ۾ ناليواري نوجوان راڳي شيراز عباسي ڀٽائي جي وائي جهونگاري ٻڌائي، بعد ۾ نثار احمد کهڙو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن سان گڏجي ڪتاب جي مهورت ڪئي. تقريب جي ڪاروائي سينيئر شاعر احمد علي صابر چانڊيو هلائي. تقريب ۾ ڪامريڊ ڪريم بلوچ، مشتاق تنيو، رئوف عباسي، خالد سيال، محمد امين شيخ، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر، برڪت جيھو، جهانگير عباسي، ڄام مھدي سھتو، حنيف سھاڳ، مرتضيٰ ڪلھوڙو، عاشق پٺاڻ، ادريس بلوچ، سيد سفير شاھ سميت شاعرن، اديبن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
