سن (پ ر) رھبر سنڌ سائين جي ايم جي سيد جي 28 ھين ورسي جي نسبت سان جيئي سنڌ محاذ طرفان سيد جي مزار وٽ تربيتي ورڪشاپ منقعد ڪيو ويو جنھن ۾ سڄي سنڌ مان وڏي تعداد ۾ پارٽي جا مک ڪارڪن ۽ قومي ورڪر شريڪ ٿيا مختلف اڳواڻن الڳ الڳ موضوعن تي ليڪچر ڏنا جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو تربيتي ورڪشاپ دوران پنھجي ليڪچر ۾ چيو ته ھن وقت پوري دنيا ۾ سياسي معاشي ۽ جاگرافي تضاد اڀري بيٺا آھن بحراني حالتون آھن اھڙي لمحي ٿيندڙ نئين صفبندي ۾ سنڌ کي پنھجي قومي حيثيت مڃراڻي پوندي ھنن حالتن جي نشاندھي اڳواٽ سائين جي ايم سيد ڪري چڪو ٻي عالمگير جنگ جي نتيجي ۾ ھي ملڪ عالمي طاقتن پنھجي ضرورتن خاطر مذھب جي نالي تي ٺاھيو ھي ملڪ ناھي صرف معاھدو آھي جيڪو پنھجي طبعي عمر پوري ڪري چڪو ھي فيڊريشن پنھنجا جواز وڃائي چڪي آھي نه ھنن وٽ بااختيار پارليامينٽ آھي نه آزاد عدليا آھي نه انساني حقن جي آزادي آھي نه وري آزاد ميڊيا آھي ھر طرف عسڪري طاقت جو بول بالا آھي پھرين ڏينھن کان وٺي ھي عسڪري رياست رھيو آھي ھن وقت اسلام آباد کي سعودي عرب به مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي عسڪري طاقت جي بل بوتي تي ھلندڙ ملڪ معاشي بدحالي جي عروج تي بيٺو آھي پنجاب وٽ صرف گن پاور آھي سنڌ وٽ تاريخي درياھ سمنڊ وسيلا ڪوئلو تيل ۽ گھڻو ڪجھ آھي پر ان تي پنجاب جو ناجائز قبضو آھي سنڌ تي پيپلزپارٽي جھڙي وطن فروش پارٽي جي زريعي ولار جاري آھي اھا پيپلزپارٽي جنھن جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري کي يورپ جي ملڪ نڌرلينڊ ۾ ھڪ ڪرپٽ صدر طور نصاب ۾ پڙھايو پيو وڃي پر ان تي شھباز شريف يا بلاول زرداري کي ڪا به شرمندگي محسوس نٿي ٿئي نه وري اسٽبلشمنٽ ان تي ڪا پريشاني ٿي محسوس ڪري ڇو ته ھن ملڪ جا ڪرتا ڌرتا پنھجي ساک ۽ پت وڃائي دنيا ۾ وائکا ٿي چڪا آھن سنڌ تي انگريز برصغير تي پنھجي دائمي مفادن لاء قابض ٿيو ان سڄي ايشيا ۽ سنڌ جي ڦرلٽ ڪئي ھو ويندي ويندي پنھجي مخصوص مفادن جي پيش نظر ھو پنھجي قبضي جي واڳ پاڪستان جي نالي تي پنجابين جي حوالي ڪري ويو انگريزن طرفان سنڌ جي سياسي ۽ معاشي اختيارن تي ڪيل قبضو اڄ به پنجاب جي قبضاخور شڪل ۾ جاري آھي جتي سنڌ جا قانوني ۽ آئيني اڄ به معطل آھن سنڌو درياھ تي مڪمل قبضو آھي سنڌ دھشتگردن ۽ ڌاڙيلن منشيات خورن ۽ ڪرپٽ مافيائن جي حوالي آھي سنڌ جون سرحدون غير محفوظ آھن افغانين ڪشميرين بھارين بنگالين ۽ ٻين ڌارين جي لوڌن جي زريعي اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي صرف سائين جي ايم سيد جو نظريو ئي بچاء جو آخري رستو آھي اسان کي تنظيمي طور باخبر ۽ سياسي طور سگھارو ٿيڻو پوندو ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي پنھجي ليڪچر ۾ چيو ته ھڪ مضبوط پارٽي ئي سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري سگھي ٿي اسان وٽ سيد جو شاندار نظريو آھي پر فحال تنظيم جو فقدان آھي گروھ بندين مان نڪري اسان کي انقلابي جماعت ٺاھڻي پوندي صالح ۽ باڪردار ڪارڪن ئي ڪو اعلي مقصد حاصل ڪري سگھن ٿا سائين جي ايم سيد اعلي پائي جو سياستدان ۽ ھڪ وڏو عالم ھو جنھن سنڌ ۾ علم کي سياست سان ڳنڍيو اڄ سنڌ کي اتحاد جي ضرورت آھي اين ڊي پي جي صدر ممتاز بروھي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ مان ٻيلن جي واڍي ۽ گدلاڻ جي ڪري سڄو ايڪو سسٽم تباھ ٿي ويو آھي ڪراچي ۾ ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري جي ڪري سنڌي ماڻھو اذيت جو شڪار آھن جساف اڳواڻ عامر عمراڻي چيو ته سوشل ميڊيا جي ھٿيار جو وقتائتو استعمال ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي اسان سوشل ميڊيا کي پنھجي مقصد لاء استعمال ڪري نتيجا وٺي سگھون ٿا ان موقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت ذولفقار بليدي اياز سولنگي ڊاڪٽر خوشحال پنھل جمالي ڪمال مھر مصطفي عمراڻي آصف ڀرٽ ۽ ٻين خطاب ڪيو آخر ۾ سڄي قيادت ۽ ڪارڪنن گڏجي سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي ۽ قومي تراني سان کيس ڀيٽا ڏني
