غريب عوام پوءِ ڇو پيسجي؟

رياض ابڙو
هن حڪومت کي اهو آسرو به آهي ته هي 2023 جو سڄو سال ائين ٽال مٽول ڪري ڪم ڪڍي ويندا ۽ شهبازسرڪار پنهنجو مدو ان طئي ڪيل مدي کان به وڌائي ويندي، ان ڪري ته هن شهبازشريف کي ڪمزور سمجهڻ بيوقوفي هوندي جو جنهن سان 13 پارٽيون هر ڪم ۾ گڏ آهن، اهي پارٽيون ايوان مان هن حڪومت جي حق ۾ قرارداد پيش ۽ پاس به ڪرائي ٿيون وڃن، عسڪري آشرواد هن سان گڏ آهن، يا هن شهبازسرڪار کي درد رڳو ان ڳالھ آ ته سپريم ڪورٽ بي سبب هن نماڻي حڪومت کي اکيون ڇو ڏيکاريون، ان ڪري هي سرڪار هاڻي پنهنجي ليکي وڌيڪ معصوم ٿي وئي آهي ۽ ان ڳالھ ۾ پنهنجي ليکي ”بَغَل ۾ ٽُون“ آهن ته هنن جي اوچتو آيل سرڪار ٺيڪ گذريل 12 مارچ کان هيل واري 12 مارچ تائين سال پورو ڪري وڏا ڦاڙها ماريا آهن يا جنهن جي سياسي ڪمزوري ان ڳالھ مان عيان آهن ته جنهن سرڪاري جي هڪ اصولي فيصلي تي هڪ عمران خان ڪنٽرول ۾ نه ٿو اچي يا هي همراھ سدائين هڪ ”رينٽيڊ ڪرائوڊ“ سان ڪيل وڏا وڏا جلسا ڪري هن سرڪار جون متيون ئي منجهائي رکيون آهن يا عمران خان جڏهن ڪارا پاٺا هڻي پاڻ لڪائي ڪورٽ جي پيشي تي ٿو اچي ته هي اوڳي سرڪار سمجهي ٿي ته اهي ڪارا پاٺا ڄڻڪ ڪي بليٽ پروف گاڏيون هجن جنهن ۾ عمران خان ڪورٽ جي پيشي تي ٿو اچي ته سڀ قانون ۽ آرٽيڪل به ماٺا ٿي ٿا وڃن ۽ سمجهن ٿا هن سرڪار جي قانوني زور ۽ ضبط آڏو اهي ڪارا پاٺا ڪو پهاڙ آهن ته پوءِ اهڙي ڪمزور ترين سرڪار کي ڇا ڪيون جنهن اچڻ سان جيڪي واعدا ڪيا هيا سي وفا ته نه ٿيا پر ملڪ ۽ غريب عوام ان نور کان به نڪتو ٿو وڃي يا نوازشريف وانگي جڏهن ان جي سرڪار پنج سال پورا ڪيا تڏهن سمجهئين ته هن کي اڃان به ڪي ٻئي پنج سال ملن هان ته هي پاڪستان کي پيرس بڻائي ڇڏي هان سان ڪسر هاڻي شهبازشريف به پوري ڪئي جنهن جي لاءِ باجوا اهو چوڻ ۾ بجا هيو ته شهبازشريف جي مقابلي ۾ نوازشريف چالاڪ آ، هاڻي ان زمري ۾ غريب عوام ڪاڏي وڃي جو هيل تائين جيڪي به حڪمران اچن ٿا اهي وڃڻ مهل موڳا مٽر ٿي لهي هليا ٿا وڃن ۽ انهن کي لاهڻ ۽ چاڙهڻ وارا وري وڏا پختا ۽ پهلوان ثابت ٿا ٿين پوءِ ان سڄي وارتا ۾ غريب عوام پوءِ ڇو پيسجي.
يا سمجهون ته هيل (يا سدائين وانگي) ڪورٽون هڪ پاسي ٿي رڳو ونگار اڙهيون آهن جنهن جو فائدو کڻي عمران خان کي پئي به، پر نقصان وري به رياست جي ڳچيءَ ۾ آ يا اها ڳالھ ڀلي ڀت سمجهي سگهجي ٿي ته قانون ساز اسيمبليءَ کان ڪير به اعلي ۽ اونچو ناهي اهي قانون ساز اسيمبليءَ مان ڪجھ به پاس ڪرائي سگهن ٿا مثال عرب ملڪن جي طرز تي مشرف پنهنجي دور ۾ ”ايوان، عدليه ۽ عسڪري ادارا“س پنهنجي مُٺ ۾ ڪرڻ چاهيا هيا پر ڪري نه سگهيو، پر مشرف ٻه عهدا ته سڌا سنوان پاڻ وٽ رکيا هيا هڪ صدارت ٻيو آرمي چيف پر قانون قبضي ۾ نه ڪري سگهيو پر شهبازسرڪار وارا ڪري ويندا جو جسٽس فائز جي ايون ۾ تقرير به هڪ ڌُرِي آ يا اهي وري به ”نيوٽرل“ ثابت نه ڪري سگهندا، يا هڪ دور جو فيصلو يا هڪ سرڪار جي عقب ۽ مقبوضگيءَ وارين حالتن ۾ ڪيل فيصلا ٻي سرڪار جي دور ۾ چٽا ٿي ٿا بيهن يا ائين سمجهون ته وقت جو وزيراعظم پاڻ آرمي چيف ٿوچونڊي پر وقت پٽاندر اهو ئي آرمي چيف وري وزيراعظم جي چونڊ ٿو ڪري يا هاڻي ٻه ڀاڱي 3 جي اڪثريت واري فرمائش به ان ڳالھ جي پڪ ناهي ته ”اٺُ ڪهڙي ڪروٽ ويهندو“ ان ڪري اها وچ ٿرائپ ممڪن نظر نه ٿي اچي جنهن ۾ اهي ٽئي ادارا وچ ٿرا هجن مثال هر نئون آرمي چيف اچڻ سان اها ڳالھ ضرور ڪندو آ ته اسان جون سرحدون محفوظ آهن پر اهي سدائين غيرمحفوظ هونديون آهن جنهن ۾ ڊيورانڊ لائين ته ٻريل ئي هوندي آ يا ڀارتي ڪجھ چون نه چون پر اسان جي للڪار سرحد پار پڄندي آ جنهن ۾ سيڪيورٽيءَ جو خرچ اسان جي غريب عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو به کسي ٿو وٺي يا هر وزيراعظم اچڻ کان پهرين جيڪي ڪوڙ ۽ ڊُزَ ٿو هڻي ته جيئن غريب عوام خوش ٿئي پر غريب عوام کي ان ڳالھ جو درد ناهي هوندو ته ڊيورانڊ لائين ڇاهي يا لائين آف ڪنٽرول تي ڪيترا پکي ٿا اڏامن، پر انهن غريبن جي نظر وزيراعظم تي ضرور هوندي آهي جنهن جي واتان مهانگائي جي خاتمي جا ڪي اعلان باقي هجن ۽ سمجهن ته عمران خان جي وئي کانپوءِ من نه من هن وزيراعظم کي ڪا ڪهل اچي ته هي اٽو، لٽو اجهو ممڪن ڪري، ڪي دوا درمل سستا ڪري يا ماڻهن جي “لِوِنِگ ڪاسِٽ“ سستي ڪري جو ماڻهو اهو نه سمجهن ته زندگي هاڻي بار ناهي يا هن ملڪ ۾ جيئڻ ڪنهن سزا جي مترادف آ.
هڪ عام ماڻهوءَ جي خون جي ڏوھ ۾ ملوث تي هجڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان عام ملزم يا مجرم جو ساھ ئي پي ٿا ڇڏن پر جتي رتوڇاڻ ٿي ٿئي، جتي ٽارگيٽ ڪلرز هجن ٿا، جتي طالبانائيزڊ طرز جا ڏوهي عام هجن ٿا يا جتي رياستي ڏوهن جو اسڪيل وڏي پيماني تي هجي ٿو جتي ڏوهي ماڻهن ۽ ڏوھ جي پٺ ڀرائي هجي ٿي ته پوءِ اهڙن ڏوهن يا ان طرز جي گناهن کي ثابت ڪرڻ ۾ سال لڳي ٿا وڃن يا اتي قانونَ سالن جا سال خاموش هجن ٿا يا ورهيه لڳي ٿا وڃن ۽ مجال آ جو ڪير ان ڏوھ ۽ گناھ کي ثابت به ڪري سگهي يا ڪنهن طرح ان جي ڪا انڪوائري به ڪري سگهن يا انويسٽيگيشن ۾ اهڙا فلسفا شامل ۽ بيان ڪندا جو عام ماڻهو ان فرينزڪ ثابتين تي دنگ رهجي وڃي مثال 18 آڪٽوبر 2007 واري رتوڇاڻ ۽ بم ڌماڪن کان وٺي 27 ڊمسبر 2007 ۾ ٿيل بم ڌماڪن تائين جا هاڻي عمران خان تي وزيرآباد ۾ ٿيل حملي تائين ڪنهن به عام ماڻهوءَ جي همت ئي ناهي ته هو ڪنهن طرح يا ڪو قانون جو عملدار ڪنهن به طرح ان جي جانچ جو حصو بڻجن ان ڪري شيون بس الله جي ڪئي مڃي اڳتي هلايون ٿيون وڃن ڇو ته ڪنهن تي الزام هڻڻ به اجايو آ ته عمران خان کي جيڪڏهن ڪجھ به ٿيو ته ان جا زميوار فلاڻا ٽيرا مٽيرا هوندا يا عمران خان کي مرتضي ڀٽي واري ماريندا يا ماريو ويندو پر اها ڳالھ مڃجي ته اهي گناھ وڏا منظم ٿين ٿا جن جو آسماني طاقتن کي به کڻڪ نه ٿي پئي جو اهي پلان ڪيئن جڙي ٿا وڃن ۽ ڪَنَنَ چَپَنَ تائين اهي ڳالهيون طئي ٿي وري ڪامياب به ٿي ٿيون وڃن ان ڪري اهڙين شين جي لاءِ هروڀرو روڄ راڙو ڪري رڳو سياست نه چمڪائجي ڇو ته ايف آءِ آر ڀلي ڪٽرائجي پر اهي فائيل وري ڌوڙ جي نظر ٿي ٿا وڃن يا هاءِ پروفائيل هجڻ جي ڪري اهي ڪم ۽ فائيل دٻجي لڪي ڇَپي گم ٿي ٿا وڃن جو فلمي سينن وانگي جيڪو به ان فائيل جي ڳالھ ڪندو ته ان جي ڳالھ وري رڳو خبرن ۾ ايندي ته فلاڻو خان به هن دنيا ۾ هيو يا ڪجھ ٻيو.
ڪجھ مهينا اڳ خان ان ڳالھ تي بضد هيو ته آرمي چيف جي هن جي مرضيءَ سان مقرر ڪيو ويو ته صحيح آ باقي جي اهو زرداري ۽ نوازشريف جي مرضي سان رکيو ويو ته هو ان آرمي چيف کي نه مڃيندو، ان ڪري جو آرمي چيف کي جڏهن نومبر 2019 ۾ ٽن سالن جو ايڪسٽينشن ڏنو هيائين تڏهن عمران خان جي سڄي ڪابينا ان ڳالھ تي خوش هئي ته هاڻي عمران خان کي به ايڪسٽينشن ملندو پر وقت ٽپي ويو آرمي چيف نئون اچي ويو عمران خان کان به ڳالھ دل تان لهي وئي جو روز روز نوان اشوز اٿندا ٿا رهن ۽ انگريزي جي محاوري وانگي ته “فرسٽ ان ۽ لاسٽ آئوٽ“ واري ڳالھ ٿي بيهي جو نئون اشو ياد آ پراڻو دل تان لهي ٿو وڃي (يا عمران خان ان ڳالھ به ڏاڍو پختو ته هو هرروزر نئين ڳالھ ٿو ڪري يا هرروز نوان يوٽرن ٿو وٺي يا هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالھ ڪري ٻئي ڏينهن ٻي ڳالھ ٿو ڪري يا سمجهي ٿو هي عمران ويسارو آ ڳالھ دل تان لهي ويندن پر دل تي رڳو عمران خان ئي هوندن، بهرحال) پر مهانگائي ساڳي آ يا ان کان به وڌيڪ خراب آ يا ايتري ته تيزي سان ٿي وڌي جو حڪومت جي 30 سيڪڙو ٿي چئي ته اها سال کان سال تائين ڏسجي ته 100 سيڪڙو ووڌي ٿي وڃي ان ڪري عوام کي ڪنهن شيءِ سان گرز ناهي پر مهانگائي عوام جو رت پي ڇڏيو آ ۽ حڪومت جون دعوائون بڪواز ٿي ٿيون وڃن جنهن ۾ پرائيس ڪنٽرول نه ٿو هجي پر سياسي بهارون سڄو سال رهنديون هر گهڙيءَ ڪو نئون ناٽڪ، هرگهڙي ڪو نئون سياسي ڊرامو، ماڻهو سڄو سال احتجاج، جلسا جلوس ۽ ڌرڻا ۽ سياسي ڪشمڪش ۽ چپڪلش، ايڏي ٽريفڪ جام، روڊرستا بلاڪ، ماڻهو پريشان، اسڪول بند ته ڪٿي اسڪول جا ٻارڙا گهرن تائين پڄڻ ۾ آزرت، مشڪلات جو شڪار، ڪٿي ٽاير ساڙي روڊن جي بلاڪ ٿيڻ سان واپار ۽ بزنس متاثر يا عام ماڻهن ۾ سياسي بحثن مباحثن جي ڪري هروڀرو ڇڪتاڻ ۽ منهن ماري پوءِ اهڙي سياسي ماحول ۾ ڇا ڪري سگهبو، پر هن سرڪار کي ان ڳالھ جي پختي پڪ آ ته هي پنهنجي ڪرسيءَ کي طول ڏئي ويندا پوءِ بهانا هزار.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں