فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ يا جماعت جي نمائندگي نه ٿي ڪري: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( م ڊ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ ۽ تجزئي جو حق حاصل آهي، آرمي چيف هر هر اِها ڳالهه ورجائيندو رهيو آهي ته اصل طاقت جو محور عوام آهي، اسان لاءِ سموريون سياسي پارٽيون قابل احترام آهن، پاڪستان جي فوج قومي فوج آهي، اسان جو ڪنهن به خاص سياسي جماعت يا نظرئي ڏانهن لاڙو ناهي. پريس ڪانفرنس دوران سوشل ميڊيا ٿي ٿيندڙ تنقيد بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مُلڪي آئين هر شهري کي اظهار جي آزادي جو حق ڏئي ٿو، اِهو ئي آئين اظهار جي آزادي واري حق کي قانون جو پابند پڻ بڻائي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني فوج خلاف جيڪا واويلا ڪئي وئي وڃي اِها غير آئيني آهي، عوام به اِهو نه چاهيندو ته فوج ڪنهن بي مقصد بحث ۾ ٽپو ڏئي. سندس چوڻ هو ته اڄ مُلڪ ۾ ڪو نو گو ايريا نه آهي، اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن باوجود پاڪستاني فوج جون ڪاميابيون ڪنهن کان لڪيل ناهن، پاڪ فوج جي صلاحيتن جي سڄي دنيا ساراهه ڪئي آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هو تعميري تنقيد کي اهميت ڏين ٿا، ڪير به نه چاهيندو ته فوج ڪنهن خاص سوچ جي نمائندگي ڪري، قانون هٿ ۾ کڻڻ کان سواءِ قانون کي حرڪت ۾ آڻي سگهون ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت جي اندروني سياست ۾ پاڪستان جي حالتن جي اهميت آهي، ڀارت پنهنجن مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ به پاڪستان جي سياست بابت ڳالهائيندو آهي، فالس فليگ آپريشن، پاڪستان خلاف جعلي پروپيگينڊا ڀارت جي روش رهي آهي، ڪجهه ملڪي عنصر سڌي يا اڻ سڌي طرح ڀارت جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ويٽرنز( رٽائرڊ فوجي) اسان جو اثاثو آهن، ويٽرنز جي قربانين کي تسليم ڪريون ٿا، ويٽرنز آرگنائيزيشن جو مقصد سياسي نه پر فلاحي ڪم ڪرڻ هوندو آهي، کين سياست نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته پنجاب جي چونڊن ۾ فوج جي مقرري جو اختيار وفاقي سرڪار وٽ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دنيا ۾ ۾ جتي به فوج کي ڪنهن سياسي سوچ لاءِ استعمال ڪيو ته رڳو وڳوڙن ئي جنم ورتو آهي، غير سياسي رشتن کي سياسي رنگ ڏيڻ غلط عمل آهي. ڇا عمران خان سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي ۽ ڇا عيد کان پوءِ مُلڪ ۾ هنگامي حالتون يا مارشل لا لڳڻ واري آهي ؟ واري سوال تي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي آئي ڏينهن فوجي اختيارين خلاف صبح شام تصديقي توڙي غير تصديقي اڪائونٽن تان پروپيگينڊا جاري آهي، اِهو عوام تي آهي ته هو ان معاملي کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو. سندس چوڻ هو ته چونڊن لاءِ پاڪستاني فوج جي مقرري وفاقي سرڪار ڪندي، بچاءُ واري وزارت، اليڪشن ڊيوٽي بابت بريفنگ ڏئي چڪي آهي، جيڪي زميني حقيقتون آهن، فوج، قوم ۽ مُلڪ جي مفاد ۾ ناهن ته فوج کي سياست ۾ ڌڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس سان ڳالهه ٻولهه اوپن ٿيڻي هجي ها ته اوپن ئي ڪئي وڃي ها، اِها ڳالهه چيف جسٽس ۽ اداري وچ ۾ ٿي آهي، سوشل ميڊيا تي آئي ڏينهن بي بنياد، بنا جواز پروپيگينڊا جاري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں