قمبر ۾ شاعري جو مشاعرو، شاعرن واهه واهه ڪرائي ڇڏي

قمبر(ڊ ر)قمبر ۾ رئيس عبدالڪريم چانڊيو جي رهائشگاهه تي عيد ملڻ پارٽي جي موقعي تي شاعري مشاعرو ٿي گذريو جنهن ۾ مهمان خاص رئيس امجد ڪريم چانڊيو،آفاق ڪريم چانڊيو،جاويد ڪريم چانڊيو هئا جتي نالي وارن شاعرن استاد سڪندر صنم جهنڊيل،نوجوان شاعر اشفاق احمد چانڊيو خوبصورت غزل،ڪافي ۽ چوسٽا ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته ذوالفقار علي چانڊيو پنهنجي خوبصورت آواز ۾ گيت ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ان موقعي تي آفاق ڪريم چانڊيو چيو ته ڪچهريون سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن ڪچهري ۾ پنهنجي دوستن پاڙي وارن جي حال احوال کان واقف ٿي سندن سان ڏک سک ونڊيون ويندو آهي ڪچهري ۾ شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن محمد ايوب چانڊيو،محمد عالم نوناري،غلام حيدر بليدي صحافين محمود علي شيخ،مير الطاف حسين بروهي محمد ادريس چانڊيو شرڪت ڪئي،،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں