لاڙڪاڻي ۾ شاعر سعيد ميمڻ جي ياد ۾ عيد مشاعرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ادب شعبي پاران جديد سنڌي شاعر سعيد ميمڻ جي ياد ۾ “عيد مشاعرو” ڀٽائي ادبي هال ۾ ٿي گذريو. مشاعري کي صدارتي خطاب ڪندي نامياري شاعر جواد جعفري چيو ته سعيد ميمڻ، سنڌي شاعري جي صف اول جو شاعر هو. هن سنڌي شاعري نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ سنڌي شاعري جي صنفن ۾ نوان رنگ ڀريا. هن چيو ته سعيد ميمڻ ،سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو آهي، افسوس اهو آهي ته سعيد ميمڻ کي گهربل مڃتا نه ملي آهي اڄوڪو هي پروگرام سعيد ميمڻ جي علمي ۽ ادبي پورهيي کي زبردست ڀيٽا آهي. شاعر ۽ اديب فيض سومري چيو ته سعيد ميمڻ، سنڌي غزل ۾ جيڪي نوان تجربا ڪيا آهن اهي اسان جي لاءِ رهنما اصول آهن. اديب ۽ شاعر انجم کوکر چيو ته سعيد ميمڻ، جي شاعريءَ ۾ فطري جماليات سان ڀرپور آهي. ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ اديب يامين بلوچ چيو ته سعيد ميمڻ، جي غير روايتي شاعري آهي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ جدت آندي. سعيد کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي مَنَ تي فڪري ڪيف چڙهي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سعيد ميمڻ، فن ۽ فڪر ۾ پاڻ کي سمائي ڇڏيو هو. هن جي وڇوڙي سان سنڌي شاعري جو وڏو نقصان ٿيو آهي. مشاعري کي عيسيٰ ميمڻ، جاويد شبير، مور مغيري، سميع ساجد جوڻيجو، اسد بروهي ۽ ڊاڪٽر آمنه سومرو پڻ خطاب ڪيو. مشاعري ۾ نويد ناز ڀٽي، وحيد محسن، خاور قبولائي، استاد گل دايو، سرفراز سخي، رفيق ابڙو، شهيمر سومرو، شيخ نديم، پروفيسر محمد شفيع شيخ، اوشاق علي آگاڻي، مخمور رضا، ساقي شيخ، جي ايم سيد جويو، عزيز نواز هليو، اعجاز سيتائي، عطا حسين چانڊيو، اظهر مجيد، حبدار ٽوٽاڻي، شوڪت شيخ، ڏاڏا ڏتل ابڙو، مير حسن مهيسر، علي روشن شيخ، وسيم ماهي، فهد ڪورائي، غلام رضا ميمڻ، منصور ميمڻ، مجاهد حسين، غلام عباس مُريو، حسن مجتبيٰ، حسنين شيخ، مسڪين عيسيٰ چانڊيو، اشفاق چانڊيو، منصور عباسي، صولت حسين گاد، علي احمد سنڌي، فياض ڏاهاڻي، راشد علي مرکياڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پڙهي داد حاصل ڪيو. جڏهن ته مشاعري جي شروعات جاويد پٺاڻ شاھ لطيف جي وائي سان ڪئي. نامياري راڳي رياض سومري سعيد ميمڻ جو غزل ترنم ڳائي، محفل تي سحر تاري ڪري ڇڏيو. مشاعري جي ڪاروائي ڊاڪٽر آمنه سومرو هلائي. جڏهن ته مشاعري ۾ برڪت علي گاد، عبدالنبي ساريو، غلام حسين ڪٽپر، برڪت جيهو، ڪامل امداد جتوئي، بدرالدين ڪيهر، بشير احمد شيخ، مختيار چانڊيو، فراز شيخ، زاهد علي جوڻيجو، منظور آزاد شيخ، رضا ٻرڙو، مصور منگي، اثر امام، علي سنجراڻي، محمد سليم نوناري، محمد سليم سرگاڻي، ياسر علي عابدي، تشڪيل ميربحر، شاهد بڙدي، جواد احمد گوپانگ، دانش ترڪ، منور چانڊيو، ذوالفقار وڪو، صفدر لغاري، رياض جوڻيجو، مٺل ڳچل، ابرار حسين ڀٽو، احمد علي سولنگي، شاڪر ڪاشف پٺاڻ، وزير علي جوڻيجو، محمد امين ٻگهيو ۽ عبدالحسيب سومرو سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں