معاشي ۽ عدالتي بحران سبب ادارا پنھنجو توازن برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آھن:زين شاهه

ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونائيٽيد پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين سيد جلال محمود شاھہ جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ سيد زين شاهه، روشن علي ٻرڙو، جگديش آهوجا، امير آزاد پنهور، امير علي ٿيٻو، غلام مصطفي چانڊيو، جبار اسلامي، مختيار احمد ميمڻ، روشن ڪلهوڙو، سيد منير حيدرشاهه، رمضان ٻرڙو، ڊاڪٽر انعام ڀٽي، ميڊم شيبا مغل، آڪاش لاکو ۽ ڊويزنل صدرن جي شرڪت ڪئي پارٽي پڌرائي موجب ملڪ جي اندر عدم استحڪام آھي، سياسي بحران ، معاشي بحران ۽ عدالتي بحران سبب ملڪ جا ادارا پنھنجو توازن برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آھن. ھن سڄي بحران جو حل ملڪ جي اندر غيرجانبدار حڪومت جي ذريعي شفاف چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪو حل نظر نٿو اچي. ملڪ جي اسٽيبلشمنٽ کي پنھنجا ذاتي ۽ گروھي مفاد ختم ڪري ملڪ اندر احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ جي لٽيل دولت واپس ڪرائي ڪرپٽ مافيا مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ تلخ فيصلا ڪرڻ کانسواءِ ملڪ بحران مان نہ نڪري سگھندو. اجلاس بعد سيد زين شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ملڪ اندر موجوده حڪومت ختم ڪري نگران حڪومت آڻي صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، اسٽيبلشمينٽ ذاتي ۽ گروهي مفاد ختم ڪري ملڪ ۾ احتساب جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سنڌ اندر امن امان جو مسئلو تمام گهڻو آهي، سنڌ اندر وڌندڙ بدامني جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي، پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، سنڌ ۾ مها ٻوڏ کانپوء گهرن جي بحالي نه ٿي سگهي آهي، ٻوڏ سٽيلن جي بحالي پروگرام ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي، سنڌ جا ڏيڊ ڪروڙ ماڻهون مها ٻوڏ دوران بي گهر بڻيا، سنڌ جي بحالي تڏهن ٿيندي جڏهن پيپلن جي نيڪالي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں