نصيرآباد (رپورٽ: وڪاش ڪمار) نصيرآباد انڊس هاءِ وي ڀرسان ڪالهه جيڪو عورت جو سڙيل لاش هٿ آيو هيو ان واقعي خلاف ناري جمهوري محاذ نصيرآباد طرفان سڙيل لاش جي خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ فوزيا سينگار، شازيه نوناري، مهرالنساءَ چنا، سسئي لوهار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي جي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آھي، ريلي ۽ مظاهري ۾ وائيس آف مسنگ پرسن جي اڳواڻن، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ ۾ هونئن ته عورتن تي سرعام تشدد ٿئي ٿو پر هڪ عورت کي بيدردي سان قتل ڪري ان عورت جي لاش کي ساڙڻ اهيو شرمناڪ عمل آهي ڪالهه نصيرآباد انڊس هاءِ وي تان عورت جو سڙيل لاش مليو آهي ان تي اسان کي بيحد افسوس ٿيو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي جڏھن ته قانوني ادارا قاتلن کي هن مهل تائين ظاهر ناهن ڪري سگهيا ۽ نه ئي جاچ ٽيم جڙي سگهي آهي آخر قانون ايترو ڇو ڪمزور آھي اڃان سنڌ جون نياڻيون ڪيتري تائين سڙي قتل ٿينديون رهنديون. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين قانوني ادارن کان مطالبو ڪيو ته قتل ڪري ساڙيل ناري جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
