نوابشاهه ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ آپڪا جو احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه

نوابشاهه(ڊ ر) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن (شھيد ساقي) شھيد بينظيرآباد پاران لوڪل گورنمينٽ جي ڪچن ملازمن کي برطرف ڪرڻ ۽ گذريل 6 مھينن جون پگھارون جاري نه ٿيڻ خلاف شمس الدين ھوت، امجد علي بروھي، ماجد حسين ڀنڀرو، سميع الله ٻگهيو، آصف ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو انهي موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلديه نوابشاهه ڪچن ملازمن کي 8 سال پھريان پبلڪ ھيلٿ آفيس ۾ بدلي ڪيو ويو ھو، جڏهن ته 4 سالن کانپوءَ وري انھن کي بلديه نواب شاهه ۾ اھو ڄاڻائي بدلي ڪيو ويو ته اسان وٽ بجيٽ ناھي ليڪن انھن جي جاءِ تي ٻيا ملازم رکيا ويا جيڪو سراسر ظلم آهي، ھنن بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ، بلديه جي وزير، ڊي سي نوابشاهه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں