هي سياسي پارٽين کي ڳالهين جو حڪم ڏيڻ وارا ڪير ٿيندا آهن، سمورا حڪم غيرقانوني آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (بيورو) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ليڪس کان پوءِ ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن پردي ۾ موجود شيون ٻاهر اچي رهيون آهن. ثاقب نثار جو سمورو دور سواليه نشان بڻجي چڪو آهي. ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ثاقب نثار عمران خان جي ٽائيگر فورس جو حصو هو، عمران خان انٽرويو ۾ خطرناڪ انڪشاف ڪيا، ايوان صدر سازشن جو ڳڙهه بڻجي چڪو هو. ايوان صدر ۾ اڳوڻي جنرل جي اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات ٿي، چيو ويو ته اڳوڻي جنرل جي چوڻ تي 2 حڪومتون ڪيرايون ويون. عمران خان پاڻ انٽرويو ۾ اهو خطرناڪ انڪشاف ڪيو ته هن آگسٽ ڌاري ايوان صدر ۾ جنرل باجوا سان ملاقات ڪئي هئي. ان کان اڳ هو باجوا خلاف مهم هلائي رهيو هو، جنرل باجوا عمران خان سان ايوان صدر ۾ ڇو مليو؟ عمران خان جي انٽرويو تي به سوموٽو ٿيڻ گهرجي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي لاءِ رستا صاف ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اڄ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينه آڊيو ليڪ ٿي آهي ان جي سمورن سوموٽو نوٽيس تي سواليه نشان لڳي ويو آهي عدالتن ۾ مخالفن جون پڳڙيون اڇلايون ويون، ڇا اڳوڻي چيف جسٽس جي فيصلن کي واپس نه وٺڻ گهرجي، اڳوڻي چيف جسٽس پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته هي سياسي پارٽين کي ڳالهين جو حڪم ڏيڻ وارا ڪير ٿيندا آهن، اهي سمورا حڪم غير آئيني ۽ غيرقانوني آهن. ملڪ ۾ جوڊيشل لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان سان لڪي ملاقاتون ڪندڙ احتياط ڪن ملڪ ۾ ضمير نه پر آئين ۽ قانون موجب فيصلا ٿيڻ گهرجن. مرتضيٰ وهاب چيو ته آئين ۾ ترميم جو اختيار صرف پارليامينٽ وٽ آهي. ڇا عدالتن کي آئين ۾ ترميم جي اجازت آهي ڇا ملڪ جي تقدير جا فيصلا عدالتون ڪنديون، هن چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي عوام پنهنجا نمائندا چونڊ ڪندي آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته جڏهن پارليامينٽ جو احتساب ٿي سگهي ٿو ته عدليه جو ڇو نه. قانون بنجڻ کان اڳ ان جي عملداري کان روڪيو ويندو آهي بل جو نوٽيفڪيشن ناهي ٿيندو ان کي معطل ڪيو ويندو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته هي ڪنهن کي نااهل ته وري ڪنهن کي صادق امين قرار ڏيندا آهن. سپريم ڪورٽ صرف چيف جٽس جي نه سمورن ججز صاحبان جي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں