لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ئي ڏينهن ۾ چونڊن بابت پٽيشن جي حوالي سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن. ليگي ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جي پٽيشن جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه ماڊل ٽائون ۾ پنهنجن ويجهن سياسي اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت ۽ قانوني ماهرن اهم ملاقاتون ڪيون جن ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق، قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ شامل هئا. جڏهن ته وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ملڪ احمد ۽ احد چيمه به ملاقات ڪندڙن ۾ شامل هئا. پارٽي ذريعن موجب اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جي به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي آهي. شهباز شريف ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي ۽ آئيني صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
