لاهور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن کان انڪار حڪومت جو آئين تي حملو آهي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي عوام عدليه جي پٺيان بيٺل آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ قومي اميدن جو محور آهي ملڪ ۾ جاري بحران جو هڪڙو ئي حل جمهوريت سان رابطو آهي. عمران خان چيو ته عوام پنهنجن اختيارن کي صاف شفاف طريقي سان چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ڪري. حڪومت طرفان چونڊون ڪرائڻ کان انڪار دستور تي حملي جي برابر آهي. شڪست جو خوف ۽ مفادن لاءِ آئين جي انڪار سان تباهي ڏيندڙ نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته منهنجا ۽ منهنجي پارٽي جا ووٽ ۽ حق غصب ڪندڙن جي هٿان آئين جو قتل روڪڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهيان، اسيمبلين کي ٽوڙڻ 100 سيڪڙو آئيني ۽ جمهوري رستو آهي. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي قيام جو مقصد انصاف جو قيام، قانون ۽ دستور جي حڪمراني آهي. 1996ع کان اڄ تائين پي ٽي آءِ پرامن، جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ڪئي آهي. چونڊون منهنجي يا تحريڪ انصاف جي نه پر ملڪ ۽ قوم جي ضرورت آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيان، التوا جي غير آئيني ڪوششن جي مزاحمت ڪنداسين.
