ڏوڪري ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري(ن س) 6 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل مقتول مولا بخش شيخ جي وارثن معصوم ٻارڙن عورتن قرآن شريف کڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙن مقتول جي زال حضورا خاتون، مسمات ڪزبانو، ياسين شيخ، نواب شيخ ۽ ٻين چيو آهي ته اسان جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا آهن، پر افسوس جو اسان نڌڻڪا بڻجي ويا آهيون، اسان جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي، هنن وڌيڪ پوليس تي الزام لڳائيندي چيو ته ڏوڪري پوليس اسان جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کان پيسا وٺي اسان جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، جيڪو اسان هرگز ٿيڻ نه ڏينداسين، هنن وڌيڪ چيو ته واقعي کي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، رڳو سکڻا دلاسا ڏنا پيا وڃن، هنن ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بيگناهه قتل ٿيل ويل پورهيت جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں