گولاڙچي ڀرسان نوجوان جي اغوا خلاف پيرسن ماءُ جو احتجاج

بدين(ڊ ر) گولاڙچي ڀرسان ڳوٺ خميسو نهڙيو جي رهواسي مولابخش نهڙيو کي عيد واري رات علائقي جي بااثر پٺاڻن مبينا طور اغوا ڪري اوطاق تي کڻي وڃي يرغمال بناڻي ڇڏيو ان ڏس ۾ نوجوان جي پيرسن ماءُ مسمات ڄامان نهڙيو پنهنجي عزيزن آصف نهڙيو ۽ جمن نهڙيو سان گڏجي بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته تر جي بااثر پٺاڻن يوسف پٺاڻ سرتاج پٺاڻ عالم خان پٺاڻ شوڪت پٺاڻ 21 هين اپريل تي منهنجي پٽ کي سور هڏي شاخ وٽان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري پنهنجي اوطاق ۾ يرغمال بڻائي چوري جو ڏوهه باسڻ لاءِ سخت تشدد ڪيو آهي اسان پٺاڻن جي اوطاق تي وياسين پر انهن منهنجي پٽ کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد علائقي جي معزز جي وچ ۾ اچڻ تي پٺاڻن منهنجي پٽ کي ڇڏي ڏنو هن الزام هنيو ته پٺاڻن منهنجي پٽ کي سخت تشدد جو نشانو بناڻي چوري جو اعترافي بيان جي وڊيو رڪارڊنگ ڪئي آهي پر منهنجي پٽ ڪا به چوري نه ڪئي هن الزام هنيو پٺاڻ اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن جيڪڏهن اسان خلاف ڪٿي شڪايت ڪئي ته منھنجي پٽ کي ٻيھر اغوا ڪري وينداسين هن گهر ڪئي ته منهنجي پٽ کي اغوا ڪري يرغمال بڻائي ناحق روڪ بند ۾ رکي تشدد ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں